سرڪاري ڊيٽا جي مؤثر نظام، تحفظ، مٽاسٽا ۽ ذميداراڻي استعمال لاءِ هڪ جامع قومي فريم ورڪ جو هئڻ انتهائي ضروري آهي: شزه فاطمه خواجه

اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ڊرافٽ نيشنل ڊيٽا گورننس پاليسيءَ کي پاڪستان جي ڊجيٽل تبديليءَ ۾ هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته سرڪاري ڊيٽا جي مؤثر نظام، تحفظ، مٽاسٽا ۽ ذميداراڻي استعمال لاءِ هڪ جامع قومي فريم ورڪ جو هئڻ انتهائي ضروري آهي. اربع ڏينهن آءِ ٽي واري وزارت مان جاري …

اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ڊرافٽ نيشنل ڊيٽا گورننس پاليسيءَ کي پاڪستان جي ڊجيٽل تبديليءَ ۾ هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته سرڪاري ڊيٽا جي مؤثر نظام، تحفظ، مٽاسٽا ۽ ذميداراڻي استعمال لاءِ هڪ جامع قومي فريم ورڪ جو هئڻ انتهائي ضروري آهي. اربع ڏينهن آءِ ٽي واري وزارت مان جاري بيان موجب شزه فاطمه خواجه جي صدارت هيٺ ڊرافٽ نيشنل ڊيٽا گورننس پاليسي 2026ع تي هڪ اعليٰ سطحي مشاورت جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن جو بندوبست آءِ ٽي واري وزارت پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽيءَ جي سهڪار سان اسلام آباد ۾ ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزارتن، صوبائي حڪومتن، پبلڪ سيڪٽر جي تنظيمن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌُرين جي سينيئر اڳواڻن شرڪت ڪئي. مشاورتي اجلاس کي خطاب ڪندي شزه فاطمه خواجه ڊرافٽ نيشنل ڊيٽا گورننس پاليسي کي پاڪستان جي ڊجيٽل تبديليءَ ۾ هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت ڊيٽا جي سڀ کان وڏي امين آهي، ان لاءِ سرڪاري ڊيٽا جي مؤثر نظام، تحفظ، مٽاسٽا ۽ ذميداراڻي استعمال لاءِ هڪ جامع قومي فريم ورڪ جو هئڻ انتهائي ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاليسيءَ کي عملي، عمل جوڳو ۽ قومي ڊجيٽل ترجيحن موجب بڻائڻ لاءِ سمورن سرڪاري ادارن جون تجويزون ۽ رايا اهم حيثيت رکن ٿا. پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽيءَ جي چيئرمين ڊاڪٽر سهيل منير پاڪستان جي نيشنل ڊجيٽل ماسٽر پلان شعبن جي ڊجيٽل تبديليءَ جي رٿائن ۽ ڊجيٽل پبلڪ انفراسٽرڪچر جي معاونت ۾ ان پاليسيءَ جي حڪمت عملي ۽ اهميت کي اجاگر ڪيو. ڊاڪٽر سهيل منير چيو ته اها پاليسي بنا فرق جي ڊيٽا شيئرنگ يا سموري سرڪاري ڊيٽا کي ڪنهن هڪ جاءِ تي جمع ڪرڻ جي تجويز نٿي ڏي. ڊيٽا جي حفاظت ۽ صدارت لاڳاپيل ادارن وٽ ئي رهندي جڏهن ته وصل فريم ورڪ ڊيٽا جي مناسب درجابندي سان محفوظ مٽاسٽا ۽ گڏيل رابطن کي ممڪن بڻائيندو. ان مشاورت ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ اهم پبلڪ سيڪٽر ادارن جي نمائندن ڊيٽا گورننس، گڏيل رابطن، قانوني هم آهنگي، ڊيٽا جي درجابندي ۽ ان جي لاڳو ڪرڻ بابت پنهنجون اهم سفارشون پيش ڪيون. پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي ڌرين جي سفارشن جو جائزو وٺي ڊرافٽ نيشنل ڊيٽا گورننس پاليسي کي وڌيڪ حتمي شڪل ڏيندي جنهن ۾ مرحليوار لاڳو جي حڪمت عملي، صلاحيتن ۾ واڌ ۽ انتظامي معاملا شامل آهن ته جيئن هڪ جامع ۽ مستقبل جي ضرورتن موجب قومي ڊيٽا گورننس فريم ورڪ قائم ڪري سگهجي.

مزید خبریں