وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان آمريڪي ناظم الامور جي ملاقات

اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف علائقائي امن، سلامتي ۽ استحڪام جي گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ مسلسل رابطن ۽ تعميري ڳالهين جي اهميت تي زور ڀريو آهي. اربع ڏينهن دفاع واري وزارت مان جاري بيان مطابق پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي ناظم الامور نيٽلي بيڪر اسلام آباد ۾ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان …

اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف علائقائي امن، سلامتي ۽ استحڪام جي گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ مسلسل رابطن ۽ تعميري ڳالهين جي اهميت تي زور ڀريو آهي. اربع ڏينهن دفاع واري وزارت مان جاري بيان مطابق پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي ناظم الامور نيٽلي بيڪر اسلام آباد ۾ دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. علائقائي ۽ عالمي سيڪيورٽي صورتحال سان گڏوگڏ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي امڪانن تي به خاص ڌيان ڏنو ويو. وفاقي وزير علائقائي امن، سلامتي ۽ استحڪام جي گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مسلسل رابطن ۽ تعميري ڳالهين جي اهميت تي زور ڀريو. ملاقات خوشگوار ۽ تعميري ماحول ۾ ٿي جيڪا گڏيل دلچسپي جي معاملن تي مسلسل رابطن ۽ سهڪار برقرار رکڻ جي حوالي سان ٻنهي ڌرين جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي.

مزید خبریں