بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ يوم استحصال ڪشمير ملهايو ويو

بيجنگ- 05 آگسٽ (اي پي پي) چين جي گادي واري هنڌ بيجنگ ۾ پاڪستان جي سفارتخاني ۾ اربع ڏينهن يوم استحصال ڪشمير ملهايو ويو جنهن جو مقصد ڪشميري عوام جي پنهنجي ناقابل تسخير خود اراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ جاري منصفاڻي جدوجهد جي پاڪستان جي پختي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جو ورجاءُ ڪرڻ هو. سفارتخاني طرفان جاري بيان مطابق يوم استحصال ڪشمير هر سال 5 آگسٽ تي …

بيجنگ- 05 آگسٽ (اي پي پي) چين جي گادي واري هنڌ بيجنگ ۾ پاڪستان جي سفارتخاني ۾ اربع ڏينهن يوم استحصال ڪشمير ملهايو ويو جنهن جو مقصد ڪشميري عوام جي پنهنجي ناقابل تسخير خود اراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ جاري منصفاڻي جدوجهد جي پاڪستان جي پختي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جو ورجاءُ ڪرڻ هو. سفارتخاني طرفان جاري بيان مطابق يوم استحصال ڪشمير هر سال 5 آگسٽ تي ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غير قانوني ۽ هڪ طرفي قدمن خلاف ملهايو ويندو آهي، جنهن ذريعي ڀارت غير قانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان موقعي تي سفارتخاني ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ صدر مملڪت، وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم جي خاص پيغام پڙهي ٻڌايا ويا. پاڪستاني قيادت پنهنجي پيغامن ۾ ڀارت جي غير قانوني ۽ هڪ طرفي قدمن ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري سنگين ۽ منظم انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي شديد مذمت ڪئي. هن ڪشميري عوام سان پاڪستان جي پختي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد جو مطالبو ڪيو جن مطابق ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو حتمي فيصلو گڏيل قومن جي نگراني ۾ آزاد ۽ غير جانبدار ووٽنگ ذريعي ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو منصفاڻو ۽ پر امن حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن مطابق هجڻ گهرجي. تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستاني سفارتخاني جي ناظم الامور اعزاز خان ڀارت جي غير قانوني ۽ هڪ طرفن قدمن ۽ ڀارتي قابض فوج طرفان ڪشميري عوام تي جاري ظلم جي شديد مذمت ڪئي. هن چيو ته ڀارت جا قدم عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي واضح ڀڃڪڙي آهن. هن عالمي برادري جو ڌيان ڀارت ۾ مسلمانن سان ٿيندڙ امتيازي سلوڪ، خاص ڪري ڄمون ۽ ڪشمير ۾ نوجوانن کي نشانو بڻائڻ طرف ڇڪرايو. تقريب دوران هڪ دستاويزي فلم به ڏيکاري وئي ۽ تصويري نمائش جو به بندوبست ڪيو ويو هو، جنهن خاص ڪري 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ ڀارتي فوج طرفان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام خلاف ڪيل ظلم ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کي اجاگر ڪيو ويو. تقريب ۾ يونيورسٽين، ٿنڪ ٽينڪس ۽ سڌ سماءَ وارن ذريعن سان تعلق رکندڙ ماڻهن سميت چين ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري جي هڪ وڏي انگ به شرڪت ڪئي.

مزید خبریں