پاڪستان، سعودي عرب، مصر ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن پاران فلسطيني عوام جي جائز حقن جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ

اسلام آباد - 05 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان، سعودي عرب، مصر ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن فلسطيني عوام جي جائز حقن جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب آر – 4 گروپ جو اجلاس 5 آگسٽ تي عمان ۾ ٿيو ۽ پرڏيهي وزيرن پنهنجي گڏيل پڌرنامي ۾ فلسطيني عوام جي جائز حقن جو ورجاءُ ڪيو جن ۾ خودمختياري جو حق ۽ …

اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان، سعودي عرب، مصر ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن فلسطيني عوام جي جائز حقن جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب آر – 4 گروپ جو اجلاس 5 آگسٽ تي عمان ۾ ٿيو ۽ پرڏيهي وزيرن پنهنجي گڏيل پڌرنامي ۾ فلسطيني عوام جي جائز حقن جو ورجاءُ ڪيو جن ۾ خودمختياري جو حق ۽ 4 جون 1967ع جي سرحدن جي بنياد تي هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ شامل آهي جنهن جي گادي وارو شهر اوڀر يروشلم هجي. هنن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهو موقف گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب آهي. هنن ان ڳالهه جي پڻ توثيق ڪئي ته فلسطين مسئلي جو منصفاڻو، جامع ۽ پائيدار حل وچ اوڀر ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جي لاءِ لازمي آهي. پرڏيهي وزيرن خطي جي بدلجندڙ صورتحال جو پڻ جائزو ورتو ۽ علائقائي استحڪام جي فروغ جي لاءِ چئني ملڪن جي چ ۾ مسلسل مشاورت ۽ ويجهي رابطي جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو. هنن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته خطي ۾ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۽ وڌيڪ ڇڪتاڻ جي روڪٿام جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري لازمي آهي.

مزید خبریں