اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير جي استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي وزيراعظم جي بين الصوبائي رابطن بابت صلاحڪار سينيٽر رانا ثناءُ الله پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته 5 آگسٽ اسان کي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام تي ٿيندڙ ظلم جي ياد ڏياري ٿو. 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پنهنجي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي خاص حيثيت …
پاڪستان ڄمون ڪشمير جي حيثيت، آباديءَ جي تناسب يا سياسي سُڃاڻپ کي هڪ طرفي طور تي تبديل ڪرڻ جي هر ڪوشش کي رد ڪري ٿو: رانا ثناءُ الله

مزید خبریں
اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير جي استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي تي وزيراعظم جي بين الصوبائي رابطن بابت صلاحڪار سينيٽر رانا ثناءُ الله پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته 5 آگسٽ اسان کي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام تي ٿيندڙ ظلم جي ياد ڏياري ٿو. 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پنهنجي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي خاص حيثيت کي رد ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته ڀارت جو اهو غاصباڻو عمل ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق تي سڌيءَ ريت حملو آهي. پاڪستان ڄمون ڪشمير جي حيثيت، آباديءَ جي تناسب يا سياسي سُڃاڻپ کي هڪ طرفي طور تي تبديل ڪرڻ جي هر ڪوشش کي رد ڪري ٿو. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي آهي. عدالت کان مٿانهون قتل، جبري گمشدگيون، فوجي ڪارروايون، ڊگهي حراست ڄمون ڪشمير جي مقامي آباديءَ ۾ عدم تحفظ پيدا ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ان ڏکوئيندڙ ڏينهن تي مان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريان ٿو. ڪشمير پاڪستان آهي ۽ پاڪستان ڪشمير آهي. ڄمون ڪشمير جي آزاديءَ واري تحريڪ، پاڪستان جي تڪميل جي تحريڪ آهي. هن چيو ته اسان ڪشميرين جي لازوال قربانين ۽ ڏهاڪن کان جاري آزاديءَ جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا. ڪشميري عوام جي همٿ، ثابت قدمي ۽ انصاف لاءِ پُختو عزم اسان لاءِ مشعلِ راهه آهي. هن چيو ته اسان ڪشميري عوام جي منصفاڻي جدوجهد جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين. هن چيو ته گڏيل قومن کي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. عالمي برادري ان پُراڻي تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب حل ڪرائي. ڪشمير جو مسئلو صرف ڪشميرين جو ناهي پر انسانيت ۽ عالمي انصاف جو مسئلو آهي.











