سردار اياز صادق پاران پاڪستان تائيڪوانڊو ايٿليٽ احسن محسود کي هيروز انٽرنيشنل تائيڪوانڊو چيمپئن شپ کٽڻ تي واڌايون

اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪستان تائيڪوانڊو ايٿليٽ احسن محسود کي هيروز انٽرنيشنل تائيڪوانڊو چيمپئن شپ کٽڻ تي واڌايون ڏنيون آهن. اربع ڏينهن پنهنجي واڌائين واري پيغام ۾ هن چيو ته احسن محسود عالمي سطح تي شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. وزيرستان سان تعلق رکندڙ نوجوان ايٿليٽ جي عالمي سطح تي ڪاميابي تعريف جوڳي آهي. احسن …

اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪستان تائيڪوانڊو ايٿليٽ احسن محسود کي هيروز انٽرنيشنل تائيڪوانڊو چيمپئن شپ کٽڻ تي واڌايون ڏنيون آهن. اربع ڏينهن پنهنجي واڌائين واري پيغام ۾ هن چيو ته احسن محسود عالمي سطح تي شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. وزيرستان سان تعلق رکندڙ نوجوان ايٿليٽ جي عالمي سطح تي ڪاميابي تعريف جوڳي آهي. احسن محسود ڀارت سميت مختلف ملڪن جي رانديگرن خلاف شاندار راند جو مظاهرو ڪري پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو. هن چيو ته پاڪستاني نوجوانن جون عالمي سطح تي ڪاميابيون ملڪ جي روشن مستقبل جي علامت آهن. احسن محسود جهڙو باصلاحيت نوجوان ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن. سردار اياز صادق، احسن محسود لاءِ مستقبل ۾ وڌيڪ ڪاميابين جي دُعا ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں