ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪشمير، گلگت بلتستان، خيبر پختونخوا، اسلام آباد ۽ مٿانهين/ وچولي پنجاب ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، ان دوران ڪجهه هنڌن تي تيز برسات به ٿي سگهي ٿي. موسميات کاتي مطابق …

اسلام آباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪشمير، گلگت بلتستان، خيبر پختونخوا، اسلام آباد ۽ مٿانهين/ وچولي پنجاب ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، ان دوران ڪجهه هنڌن تي تيز برسات به ٿي سگهي ٿي. موسميات کاتي مطابق ڪمزور سانوڻي جون هوائون ملڪ جي مٿانهين ۽ اوڀر علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن. اولهه وارين هوائن جو سلسلو به ملڪ جي اترئين علائقن تي اثر انداز آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهي، جڏهن ته اسلام آباد، پوٽوهار خطي ۽ گلگت بلتستان ڪٿي ڪٿي، جڏهن ته اتر اوڀر پنجاب، مٿانهين خيبر پختونخوا ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات پئي. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد سبي 45، دادو 44 ۽ تربت ۾ 43 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. 

مزید خبریں