حيدرآباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي حيدرآباد ڊويزن جي صدر سينيٽر عاجز ڌامراهه پنهنجي خاص بيان ۾ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پي پي پي هميشه ڪمشميري عوام جي حق خوداراديت جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي ۽ اها جدوجهد اڄ به جاري آهي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر …
پي پي پي هر سطح تي ڪشمير عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندي: سينيٽر عاجز ڌامراهه

مزید خبریں
حيدرآباد- 05 آگسٽ (اي پي پي) يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي حيدرآباد ڊويزن جي صدر سينيٽر عاجز ڌامراهه پنهنجي خاص بيان ۾ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پي پي پي هميشه ڪمشميري عوام جي حق خوداراديت جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي ۽ اها جدوجهد اڄ به جاري آهي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪيو ۽ گڏيل قومن سميت هر فورم تي ڪشميري عوام جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو، بعد ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو به ڪشميري عوام جي حق ۾ پنهنجو واضح موقف پيش ڪيو ۽ عالمي برادري کي پڻ ان مسئلي جي حوالي سان مڪمل آگاهي ڏني. سينِيٽر عاجز ڌامراهه چيو ته صدر آصف علي زرداري به ڪشمير جي مسئلي کي سفارتي سطح تي اجاگر ڪيو، جڏهن ته پي پي پي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ به عالمي سطح تي ڪشميري عوام جي حقن لاءِ ڀرپور آواز بلند ڪري رهيو آهي. هن چيوته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي انتظاميا مقبوضه ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي بنيادي حقن کي شديد متاثر ڪيو تنهن هوندي به ڪشميري عوام جي جدوجهد، حوصلا ۽ عزم اڄ به قائم آهي. هن چيو ته پي پي پي هر سطح تي ڪشمير عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندي. هن عالمي برادري، گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي عالمي تنظمين کان مطالبو ڪيو ته اهي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشميري عوام کي سندن حق خوداراديت ڏيارڻ ۾ پنهنجو مک ڪردار ادا ڪن.











