ڀارتي وزيراعظم نريندر موديءَ جي انتهاپسند ۽ جارحاڻي پاليسين خطي جي امن، استحڪام ۽ سلامتيءَ کي شديد خطرا پيدا ڪيا آهن: صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي

ڪراچي- 05 آگسٽ (اي پي پي) اوقاف، مذهبي معاملن، زڪوات ۽ عشر کاتن واري صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازيءَ يومِ استحصالِ ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته 05 آگسٽ 2019ع ڏکڻ ايشيا جي تاريخ جو هڪ ڪارو ترين ڏينهن هو، جڏهن ڀارتي حڪومت هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدمن ذريعي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي …

ڪراچي- 05 آگسٽ (اي پي پي) اوقاف، مذهبي معاملن، زڪوات ۽ عشر کاتن واري صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازيءَ يومِ استحصالِ ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته 05 آگسٽ 2019ع ڏکڻ ايشيا جي تاريخ جو هڪ ڪارو ترين ڏينهن هو، جڏهن ڀارتي حڪومت هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدمن ذريعي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي گڏيل قومن جي قراردادن، عالمي قانونن ۽ ڪشميري عوام جي بنيادي حقِ خوداراديت کي پامال ڪيو. هن چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر موديءَ جي انتهاپسند ۽ جارحاڻي پاليسين خطي جي امن، استحڪام ۽ سلامتيءَ کي شديد خطرا پيدا ڪيا آهن، جڏهن ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جا ماڻهو گذريل ڪيترن ئي سالن کان انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين، گهيراءَ، سياسي پابندين ۽ رياستي ڏاڍ کي منهن ڏئي رهيا آهن. صوبائي وزير چيو ته پاڪستان ۽ سنڌ حڪومت هميشه ڪشميري عوام جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکنديون. هن زور ڏنو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي قراردادن موجب ڪشميري عوام کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو غيرمشروط حق ڏنو وڃي. سيد رياض حسين شاهه شيرازيءَ گڏيل قومن، اسلامي سهڪار تنظيم، عالمي انساني حقن جي تنظيمن ۽ عالمي برادريءَ تي زور ڏنو ته اهي مقبوضه ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو اثرائتو نوٽيس وٺندي ڪشميري عوام کي سندن بنيادي، جمهوري ۽ انساني حق ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي قيام کان وٺي ئي ڪشمير مسئلي تي واضح، اصولي ۽ واضح مؤقف رکندي آئي آهي ۽ هميشه مظلوم ڪشميري عوام جي حقِ خوداراديت جي مضبوط حامي رهي آهي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو هر عالمي فورم تي ڪشميري عوام جي حق ۾ اثرائتي آواز اٿاري، جڏهن ته صدرِ مملڪت آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به مسلسل ڪشميري عوام سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندا رهيا آهن. هن چيو ته يومِ استحصالِ ڪشمير جي موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي پوري قيادت ۽ ڪارڪن ڪشميري عوام سان پنهنجي مڪمل يڪجهتيءَ جو اعادو ڪن ٿا ۽ ان عزم جو اظهار ڪن ٿا ته ڪشميري عوام جي آزادي ۽ حقِ خوداراديت جي جدوجهد ۾ سندن هر سطح تي حمايت جاري رکي ويندي. صوبائي وزير دعا گهري ته الله تعاليٰ ڪشميري عوام کي صبر، استقامت، آزادي ۽ ڪاميابي عطا فرمائي، پاڪستان کي امن، استحڪام ۽ ترقيءَ سان همڪنار ڪري ۽ سڄي امت مسلمه کي اتحاد، اخوت ۽ گڏيل يڪجهتيءَ جي دولت سان مالامال ڪري.

مزید خبریں