5 آگسٽ جو ڏينهن هر سال جيان هن سال به يومِ استحصال ڪشمير طور تي ملهايو ويندو، خطي ۾ امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل اڻٽر آهي: انجنيئر امير مقام

اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪ طرفي قدم جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هن ڏينهن کي هر سال وانگر هن سال به يومِ استحصال ڪشمير طور ملهايو ويندو، خطي ۾ امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل اڻٽر آهي، يومِ استحصال ڪشمير جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ تقريبون ٿينديون، يومِ …

اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪ طرفي قدم جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هن ڏينهن کي هر سال وانگر هن سال به يومِ استحصال ڪشمير طور ملهايو ويندو، خطي ۾ امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل اڻٽر آهي، يومِ استحصال ڪشمير جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ تقريبون ٿينديون، يومِ استحصال ڪشمير جي موقعي تي اسلام آباد ۾ واڪ جو اهتمام ڪيو ويندو، ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عملدرآمد ضروري آهي. اڱاري ڏينهن ڄمون ۽ ڪشمير ڪائونسل ۾ يومِ استحصال ڪشمير جي حوالي سان نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ظلم ۽ ڏاڍ جي هر سال مذمت ڪريون ٿا، هي هڪ ڪارو ڏينهن آهي، جڏهن ڀارت طاقت جي ڏاڍ تي ڪشميرين کي گڏيل قومن جي ٺهرائن جي روشنيءَ ۾ حق ڏيڻ بدران ڀارتي  آئين ۾ ڏنل اختيار به واپس وٺي ڇڏيا، آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي هڪ طرفو ختم ڪري ڇڏيو، انڊيا کي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 7 ڏهاڪن ۾ ظلم ۽ ڏاڍ کان ته ڪجهه حاصل نه ٿي سگهيو، اهي ان سان مقابلو ڪري رهيا آهن، اتي ڇا ڇا نه ظلم ڪيا ويا، عدالت کان مٿانهيون شهادتون ٿيون، نوجوانن کي شهيد ڪيو ويو، عورتن کي سندن مڙسن کان محروم، اولاد جي مٿي تان سندن والدين جو هٿ کسيو ويو، گهرن کي تباهه ڪيو ويو، سندن ملڪيتن کي تباهه ڪيو ويو، انهن ظلمن باوجود ڪشميري پنهنجي بنيادي حقن کان پوئتي نه هٽيا، اهي پنهنجي شهيدن کي پاڪستان جي جهنڊي ۾ دفنائين ٿا، انهن سمورن حربن ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ ڀارت 5 آگسٽ 2019ع کي هڪ طرفو قدم قرار ڏنو ته جيئن ٻاهر کان ماڻهو آڻي هتي آباد ڪيا وڃن، ڪشمير جي خاص حيثيت کي بدلائي سگهجي، انهن قدمن جو مقصد غير ڪشميرين کي آڻي ڪشمير ۾ آباد ڪرائڻ آهي، انهن قدمن کانپوءِ رياست کان ٻاهران آيل غير ڪشميرين طرفان ملڪيتن جي خريد ۽ وڪري جي اجازت ڏني وئي. انهن قدمن جي آڙ ۾ ڪشمير جي ڊيموگرافي ۾ تبديلي ڪئي پئي وڃي. انجنيئر امير مقام چيو ته ان ڏينهن کي اسان يومِ استحصال ڪشمير طور ملهائيندا آهيون، ان مسئلي کي دنيا آڏو رکندا آهيون، ان ڏينهن سمورا پاڪستاني، سياسي پارٽين سان وابستگي کان مٿانهون ٿي اهو ڏينهن ملهائيندا آهن، ان ڏينهن اسيمبلين ۽ سينيٽ مان انهن قدمن خلاف قراردادون به منظور ڪرايون وينديون آهن. امير مقام چيو ته اسلام آباد ۾ ان مناسبت سان واڪ ٿيندي جنهن ۾ هر مڪتبه فڪر جا ماڻهو شريڪ ٿيندا. هن چيو ته ڪشميرين جو عدالت کان مٿانهون قتل معمول بڻجي چڪو آهي، مظلوم ڪشميرين تي ظلم ۽ ڏاڍ جا جبل ٽوڙيا وڃن ٿا، اسان ڪشميرين جي خوداراديت واري حق لاءِ هر فورم تي آواز اٿاري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان ڪشيمرين جي بنيادي حقن کي حاصل ڪرڻ تائين آرام سان نه ويهنداسين. اسان کي 5 آگسٽ جا قدم قبول ناهن، حق جي ويڙهه ڪشمير جي تڪرار کي دنيا ۾ اجاگر ڪيو، ڀارت کي اندازو آهي ته هو اسان آڏو نٿو بيهي سگهي. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان کان ڊي چؤڪ تائين واڪ ۾ هر سياسي پارٽي ۽ هر مڪتبه فڪر جا ماڻهو شريڪ ٿيندا، اهو وڏو پروگرام هوندو. اسيمبلي اجلاس هجي ته اتي به قراردادون به پاس ڪيون وينديون آهن، چئني صوبن ۽ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ به يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ تقريبون منعقد ڪيون وينديون آهن، هر سطح تي تقريبون ٿين ٿيون، فارن مشنز کي به اهو ڏينهن ملهائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اسان جي وزارت ان کي ڪوآرڊينيٽ ڪري رهي آهي، دنيا ان کي ڏسي، ان ڏينهن هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي، هن سال پهرين کان بهتر هي ڏينهن ملهائينداسين، حريت ڪانفرنس سان گڏجي اهو ڏينهن ملهايو ويندو.

مزید خبریں