لاڙڪاڻو پوليس پاران شهيد پوليس جوان مجيب الرحمان سولنگي جي شهادت واري ڪيس ۾ ملوث هڪ وڌيڪ جوابدار الله وسايو چانڊيو گرفتار

لاڙڪاڻو-30 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس، شهيد پوليس جوان مجيب الرحمان سولنگي جي شهادت واري ڪيس ۾ ملوث هڪ ٻئي جوابدار الله وسايو چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو آھي جوابدار کي وفاقي سول حساس اداري جي تعاون سان تعلقي ٿاڻي  جي حد وڳڻ  روڊ واري علائقي مان 5 ڪلو 10 گرام چرس سميت گرفتار ڪيو ويو. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري  موجب، ڄاڻايل جوابدار ڪراچي، دادو ۽ لاڙڪاڻي …

لاڙڪاڻو-30 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس، شهيد پوليس جوان مجيب الرحمان سولنگي جي شهادت واري ڪيس ۾ ملوث هڪ ٻئي جوابدار الله وسايو چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو آھي جوابدار کي وفاقي سول حساس اداري جي تعاون سان تعلقي ٿاڻي  جي حد وڳڻ  روڊ واري علائقي مان 5 ڪلو 10 گرام چرس سميت گرفتار ڪيو ويو. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري  موجب، ڄاڻايل جوابدار ڪراچي، دادو ۽ لاڙڪاڻي جي مختلف ٿاڻن اندر ڌاڙن ۽ اي ٽي اي جهڙن سنگين نوعيت جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ملوث آهي ۽ پوليس کي انتهائي گهربل هو.
ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري  ڪامياب ڪاروائي تي لاڳاپيل پوليس ٽيم لاءِ انعامن ۽ اعزازن جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.

مزید خبریں