اسلام آباد- 26 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيز، مالديپ جي حڪومت ۽ عوام کي يوم آزادي تي مبارڪ ڏني آهي. آچر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت هلندڙ سال يوم آزادي کي پاڪستان ۽ مالديپ وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 61 هين سالگرهه طور به وڌيڪ خاص قرار ڏنو. هن چيو ته …
صدر آصف علي زرداري پاران مالديپ جي هم منصب، حڪومت ۽ عوام کي يوم آزادي تي مبارڪون پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 26 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيز، مالديپ جي حڪومت ۽ عوام کي يوم آزادي تي مبارڪ ڏني آهي. آچر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت هلندڙ سال يوم آزادي کي پاڪستان ۽ مالديپ وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 61 هين سالگرهه طور به وڌيڪ خاص قرار ڏنو. هن چيو ته اهو سنگِ ميل ٻنهي ملڪن وچ ۾ 6 ڏهاڪن کان وڌيڪ قائم دوستي وارن لاڳاپن، گڏيل اعتماد ۽ ويجهي سهڪار جي عڪاسي ڪري ٿو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان مالديپ سان پنهنجي ڀائپي وارن لاڳاپن کي انتهائي اهميت سان ڏسي ٿو. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته دوستي جي رشتي ۾ مضبوط ٿيڻ سان گڏيل تعاون کي هٿي ملندي جيڪا ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ امن، ترقي ۽ خوشحالي جو سبب بڻجندي.










