اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪرغزستان جي شهر چولپون آتا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي بيلاروس جي پرڏيهي وزير ميڪسم ريزينڪوف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران گڏيل ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس مطابق ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ بيلاروس …
نائب وزيراعظم جي بيلاروس جي پرڏيهي وزير سان ملاقات
اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪرغزستان جي شهر چولپون آتا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي بيلاروس جي پرڏيهي وزير ميڪسم ريزينڪوف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران گڏيل ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس مطابق ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ بيلاروس جي ٻه طرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن اعليٰ سطح جي رابطن جي تسلسل ۽ پاڪستان – بيلاروس گڏيل وزارتي ڪميشن جي نائين اجلاس جيڪو 11 کان 12 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ پاڪستان جي ميزباني ۾ منعقد ٿيندو، لاءِ به پنهنجي اميدن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اقتصادي ۽ واپاري سهڪار کي هٿي ڏيڻ، دفاع، زراعت، ٽيڪنالاجي ۽ افرادي سگهه جي مٽا سٽا جي شعبن ۾ ڀائيواري کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن تي به ڳالهيون ڪيون ۽ جامع تعاون جي روڊ ميپ (2025ع – 2027ع) تي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون. پرڏيهي وزير ريزينڪوف آمريڪا – ايران صورتحال دوران ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن جي تعريف ڪئي.











