اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري اسلام آباد ماڊل جيل جو دورو ڪيو ۽ ماڊل جيل جي تعميراتي ڪمن تي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزوورتو. گهرو وزارت مان جاري ٿيل بيان موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته اسلام آباد ماڊل جيل گهرو وزير محسن نقوي جو ترجيحي منصوبو آهي. هن چيو ته ڪيترن ئي سالن کان دير جو شڪار اسلام آباد …
مملڪتي وزير طلال چوڌري جو اسلام آباد ماڊل جيل جو دورو
اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري اسلام آباد ماڊل جيل جو دورو ڪيو ۽ ماڊل جيل جي تعميراتي ڪمن تي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزوورتو. گهرو وزارت مان جاري ٿيل بيان موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته اسلام آباد ماڊل جيل گهرو وزير محسن نقوي جو ترجيحي منصوبو آهي. هن چيو ته ڪيترن ئي سالن کان دير جو شڪار اسلام آباد ماڊل جيل منصوبي کي موجوده حڪومت عملي شڪل ڏني آهي. موجود حڪومت اسلام آباد ماڊل جيل منصوبي تي تيزي سان ڪم شروع ڪيو آهي. هن لاڳاپيل ادارن کي منصوبي کي وقت تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪم کي تيز رفتاري سان مڪمل ڪيو وڃي، جڏهن ته معيار هر صورت ۾ برقرار کيو وڃي. ان موقعي تي مملڪتي وزير کي ماڊل جيل تي جاري ترقياتي ڪمن تي اڳڀرائي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. دوري جي موقعي تي سي ڊي اي جا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا.












