راولپنڊي- 25 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ بابت وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بيرسٽر دانيال چوڌري سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ طرفان اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف تي ڪيل تنقيد جو جواب ڏيندي چيو آهي ته نواز شريف جي سياست جو محور قومي يڪجهتي، عوامي خدمت ۽ جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ آهي، ان ڪري سندس بيانن کي حقيقتن کان هٽي ڪري پيش ڪرڻ مناسب ناهي. بيرسٽر دانيال چوڌري …
نواز شريف جي سياست جو محور قومي يڪجهتي، عوامي خدمت ۽ جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ آهي: بيرسٽر دانيال چوڌري
راولپنڊي- 25 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ بابت وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بيرسٽر دانيال چوڌري سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ طرفان اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف تي ڪيل تنقيد جو جواب ڏيندي چيو آهي ته نواز شريف جي سياست جو محور قومي يڪجهتي، عوامي خدمت ۽ جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ آهي، ان ڪري سندس بيانن کي حقيقتن کان هٽي ڪري پيش ڪرڻ مناسب ناهي. بيرسٽر دانيال چوڌري پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف جو هر خطاب پوري قوم جي ترجماني ڪندو آهي، ڪنهن صوبي، شهر يا علائقي جي مزاق سندس سياست جو حصو ناهي رهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) سنڌ، ڪشمير ۽ ملڪ جي سمورن حصن جي عوام جو هڪجهڙو احترام ڪندي آهي ۽ گڏيل احترام، برداشت ۽ قومي هم آهنگي ئي پارٽيءَ جي سياست جو بنيادي اصول آهي. هن چيو ته سياست ۾ تلخي پيدا ڪندڙ اهي عنصر آهن جيڪي هر بيان کي تڪرار جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن جڏهن ته نواز شريف هميشه مفاهمت، اتحاد ۽ جمهوري روايتن کي هٿي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته ووٽ جي عزم جو سبق مسلم ليگ (ن) کي ڏيڻ جي ضرورت ناهي ڇاڪاڻ ته عوام 3 ڀيرا نواز شريف کي ملڪ جو چونڊي چڪي آهي ۽ عوامي مينڊيٽ ئي جمهوريت جو اصل بنياد آهي. هن چيو ته پنجاب جي ترقي تي تنقيد ڪندڙن کي حقيقتن جو جائزو وٺڻ گهرجي، مختلف دورن ۾ مسلم ليگ (ن) جا ترقياتي منصوبا، انفراسٽرڪچر، صحت، تعليم ۽ عوامي ڀلائي جا قدم اڄ به ان جي ڪارڪردگي جو واضح ثبوت آهن. هن چيو ته شهرن ۽ علائقن جي نالي تي طنز ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ڪارڪردگي تي ڌيان ڏيڻ وڌيڪ مناسب آهي. بيرسٽر دانيال چوڌري چيو ته عوامي اعتماد کي وڃائيندڙ پارٽي ٻين جي مينڊيٽ تي سوال اٿارڻ بجاءِ پنهنجي سياسي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته مسلم ليگ (ن) آئنده به هاڪاري سياست، قومي اتحاد ۽ عوامي خدمت جي سفر کي جاري رکندي.












