اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ٻڏڻ کان بچاءَ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. هلندڙ سال اهو ڏينهن ”لهرن جو رخ تبديل ڪيو“ جي موضوع هيٺ ملهايو ويو. واضع رهي ته هر سال سڄي دنيا ۾ 3 لک کان وڌيڪ ماڻهو ٻڏڻ سبب فوت ٿيڻ جا واقعا رپورٽ ٿيندا آهن، جن ۾ اٽڪل ڇوٿون حصو پنج سال کان گهٽ عمر جا ٻار شامل هوندا …
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ٻڏڻ کان بچاءَ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو
اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ٻڏڻ کان بچاءَ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. هلندڙ سال اهو ڏينهن ”لهرن جو رخ تبديل ڪيو“ جي موضوع هيٺ ملهايو ويو. واضع رهي ته هر سال سڄي دنيا ۾ 3 لک کان وڌيڪ ماڻهو ٻڏڻ سبب فوت ٿيڻ جا واقعا رپورٽ ٿيندا آهن، جن ۾ اٽڪل ڇوٿون حصو پنج سال کان گهٽ عمر جا ٻار شامل هوندا آهن. ٻڏڻ کان بچاءَ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي انتظام هيٺ مختلف پروگرام منعقد ڪيا ويا، جڏهن ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي پڻ ان حوالي سان خاص مواد شايع ۽ پروگرام نشر ڪيا ويا.












