اي اين ايف جون منشيات اسمگلنگ خلاف ڪارروائيون جاري

اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي ڪارروائين ۾ 33 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جي 36.81 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ڇنڇر ڏينهن اي اين ايف ترجمان پاران جاري بيان مطابق ڪارروائين ۾ شاهراهه فيصل ڪراچي تي واقع ڪوريئر آفيس ۾ آسٽريليا ويندڙ پارسل ۾ موجود 210 گرام آفيم هٿ …

اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي ڪارروائين ۾ 33 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جي 36.81 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ڇنڇر ڏينهن اي اين ايف ترجمان پاران جاري بيان مطابق ڪارروائين ۾ شاهراهه فيصل ڪراچي تي واقع ڪوريئر آفيس ۾ آسٽريليا ويندڙ پارسل ۾ موجود 210 گرام آفيم هٿ ڪئي وئي. ڪالا شاهه ڪاڪو ٽول پلازه وٽ گاڏي مان 16.8 ڪلوگرام چرس 3 ڪلوگرام آئيس هٿ ڪري 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. بالاڪوٽ روڊ ڊسٽرڪٽ مانسهره ويجهو موٽر سائيڪل مان 16.8 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو. ڪارروائين جو منشيات جي خاتمي واري ايڪٽ 1997ع تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.