اسلام آباد - 24 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جمعي ڏينهن ڪرغزستان جي شهر چولپان آتا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير زين بيڪ مولدوڪانووچ ڪولو بايف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل عزم جو …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير سان ملاقات
اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جمعي ڏينهن ڪرغزستان جي شهر چولپان آتا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير زين بيڪ مولدوڪانووچ ڪولو بايف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل عزم جو ورجا ڪيو ۽ اعلى سطحي مٽاسٽا جي تسلسل ۽ ڊسمبر 2025ع جي ڪرغزستان جي صدر جي پاڪستان جي دوري ۽ جولاءِ 2026ع ۾ پاڪستان جي صدر جي ڪرغزستان جي دوري دوران طئي ٿيندڙ فيصلن ۽ مفاهمتن تي وقت سر عملدرآمد جي اهميت تي زور ڏنو. جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي تعاون جي موجوده اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، علائقائي رابطن، ڪاروباري برادري جي وچ ۾ تعاون ۽ عوامي رابطن جي فروغ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي اڳواڻن امن، استحڪام ۽ گڏيل خوشحالي جي فروغ جي لاءِ گهڻ رخي فورمز تي ويجهو تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.










