اسلام آباد - 24 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته نواز شريف جو هر خطاب قوم جي ترجماني آهي، ڪو علائقو طنز جو نشانو نه آهي، سنڌ ۽ ڪشمير سان محبت اسان جي دل ۾ آهي، توهين جي ڪا گنجائش نه آهي، سياست ۾ تلخي جا ذميوار اهي آهن جيڪي هر ڳالهه کي تڪراري بڻائين ٿا. شرجيل ميمڻ جي …
نواز شريف جو هر خطاب قوم جي ترجماني آهي، ڪو علائقو طنز جو نشانو نه آهي: بئريسٽر دانيال چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته نواز شريف جو هر خطاب قوم جي ترجماني آهي، ڪو علائقو طنز جو نشانو نه آهي، سنڌ ۽ ڪشمير سان محبت اسان جي دل ۾ آهي، توهين جي ڪا گنجائش نه آهي، سياست ۾ تلخي جا ذميوار اهي آهن جيڪي هر ڳالهه کي تڪراري بڻائين ٿا. شرجيل ميمڻ جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ بئريسٽر دانيال چوڌري جو چوڻ هو ته ووٽ جي عزت جو سبق اسان کي نه ڏيو، عوام ٽي ڀيرا نواز شريف کي چونڊيو. پنجاب جي ترقي کي برساتن نه، پر حالتن متاثر ڪيو، منصوبا اسان جي سامهون آهن. هن چيو ته خيراتي مينڊيٽ واري پارٽي اها آهي جيڪا عوامي اعتماد وڃائي چڪي آهي، نواز شريف جو رويو کل جوڳو نه آهي پر عوامي مسئلن جو عڪاس آهي. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته شهرن جي نالي تي مذاق بدران ڪارڪردگي جو جائزو وٺو، پنجاب جا مثال سڀني جي سامهون آهن. هن چيو ته نواز شريف سدائين اتحاد ۽ برداشت جي ڳالهه ڪئي، تلخي ٻين جي سياست آهي. عوام جو فيصلو ئي اصل مينڊيٽ آهي، نواز شريف ٽي ڀيرا وزيراعظم رهيو.










