وفاقي وزير انجنيئر امير مقام پاران ٽانڪ ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي مذمت

اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام پاران ٽانڪ ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. جاري بيان ۾ ٽانڪ حملي ۾ شهيد اهلڪارن کي امير مقام خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته شهيدن جون قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون ۽ شهيدن جو رت رائگان نه ويندو. پوري قوم سندن وارثن سان گڏ بيٺي آهي. …

اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام پاران ٽانڪ ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. جاري بيان ۾ ٽانڪ حملي ۾ شهيد اهلڪارن کي امير مقام خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته شهيدن جون قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون ۽ شهيدن جو رت رائگان نه ويندو. پوري قوم سندن وارثن سان گڏ بيٺي آهي. انجنيئر امير مقام شهيدن جي درجن جي بلندي، بخشش ۽ وارثن لاءِ صبر جي دُعا ڪئي. هن سيڪيورٽي فورسز جي مؤثر ڪارروائيءَ کي ساراهيندي حملو ناڪام بڻائڻ ۽ فتنه الخوارج جي 12 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو. بهادر جوانن جي پيشيوراڻي صلاحيت دشمن جي ناپاڪ عزمن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.

مزید خبریں