اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ٽانڪ ضلعي ۾ فتنه الهندستان (خوارجين) جي ناپاڪ اِرادن کي ناڪام بڻائيندي شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي 15 بهادر جوانن کي زبردست لفظن ۾ خراجِ عقيدت پيش ڪيو آهي. گهرو وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي بهادر جوانن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي خوارجي دهشتگردن جي ناپاڪ اِرادن کي مٽيءَ …
گهرو وزير محسن نقوي پاران ٽانڪ ضلعي ۾ شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي 15 بهادر جوانن کي زبردست لفظن ۾ خراجِ عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-24 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ٽانڪ ضلعي ۾ فتنه الهندستان (خوارجين) جي ناپاڪ اِرادن کي ناڪام بڻائيندي شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي 15 بهادر جوانن کي زبردست لفظن ۾ خراجِ عقيدت پيش ڪيو آهي. گهرو وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي بهادر جوانن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي خوارجي دهشتگردن جي ناپاڪ اِرادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. محسن نقوي شهيدن جي قربانين کي ساراهيندي چيو ته شهيد قوم جو فخر ۽ اسان جي سِر جو تاج آهن، سندن لازوال قربانيون دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پُختي عزم جو چِٽو ثبوت آهن. هن چيو ته وطنِ عزيز جي امن امان خاطري جانيون قربان ڪندڙ شهيدن کي قوم هميشه ياد رکندي. ان جي عظيم قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا. گهرو وزير شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر جي دُعا ڪئي ۽ ان عزم کي ورجايو ته ملڪ مان دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون بنا فرق جي جاري رهنديون. اي پي پي/ز – ج/ح – ق 20:35









