اسلام آباد - 24 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ٽانڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي، صدر دهشتگرد حملو ناڪام بڻائڻ ۽ فتنه الخوارج جي 12 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر دهشتگرد حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ …
صدر آصف علي زرداري پاران ٽانڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ٽانڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي، صدر دهشتگرد حملو ناڪام بڻائڻ ۽ فتنه الخوارج جي 12 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر دهشتگرد حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ بهادر جوانن ۽ اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي شهيدن جي درجن جي بلنديءَ ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قوم پنهنجي بهادر جوانن ۽ اهلڪارن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي، اهڙا عنصر پاڪستان جي علائقائي ۽ عالمي امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن کي سبوتاز ڪرڻ چاهين ٿا پر اسان انهن جي ڪڌي ارادن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، پاڪستان امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ به ڪامياب ٿيندو ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ به سرخرو ٿيندو.









