اسلام آباد - 24 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان جي سڀ کان وڏي ڊيٽا سينٽر ۽ اي آءِ ڪلائوڊ اسڪائي 47 قراقرم ون جو افتتاح ڪري ڇڏيو جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته متحرڪ، ترقي پسند ۽ شاندار مستقبل جي لاءِ اسڪائي 47 منصوبو انتهائي اهم اڳڀرائي آهي، …
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاران پاڪستان جي سڀ کان وڏي ڊيٽا سينٽر ۽ اي آءِ ڪلائوڊ اسڪائي 47 قراقرم ون جو افتتاح

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان جي سڀ کان وڏي ڊيٽا سينٽر ۽ اي آءِ ڪلائوڊ اسڪائي 47 قراقرم ون جو افتتاح ڪري ڇڏيو جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته متحرڪ، ترقي پسند ۽ شاندار مستقبل جي لاءِ اسڪائي 47 منصوبو انتهائي اهم اڳڀرائي آهي، مشڪلاتن ۽ چئلينجز جو اميد ۽ حوصلي سان مقابلو ڪريون ته معرڪه حق جهڙا تاريخي ڪارناما جنم وٺن ٿا، هي منصوبو پاڪستان جي مستقبل جي ضمانت آهي ۽ ملڪ کي فتح نه ٿيڻ جوڳي سيڪيورٽي فراهم ڪندو، متحد ٿي ڪم ڪريون ته ڪو به هدف حاصل ڪرڻ ناممڪن نه آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار جمعي ڏينهن پاڪستان جي سڀ کان وڏي ڊيٽا سينٽر ۽ اي آءِ ڪلائوڊ اسڪائي 47 قراقرم ون جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وفاقي وزيرن ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسڪائي 47 ڊيٽا سينٽر قراقرم ون جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت منهنجي لاءِ اعزاز جوڳي آهي، جديد ترين ڊيٽا سينٽر انتهائي متاثر ڪندڙ ۽ ساراهه جوڳو آهي، عظيم منصوبي جو مشاهدو ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي آهي جيڪو انتهائي مختصر مدي ۾ غيرمعمولي عزم، پختي يقين ۽ اعلى مهارت سان مڪمل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اسان ان ماڊل تي عمل پيرا رهياسين ته نه رڳو اسان ماضي جي نقصان جو ازالو ڪري سگهنداسين پر مستقبل جي لاءِ انتهائي متحرڪ ترقي يافته پاڪستان ٺاهي سگهنداسين جيڪو وقت جي ضرورت اهي، اهو ڪم مشڪل آهي پر ناممڪن نه آهي جهڙي طرح معرڪه حق ۾ اسان عظيم ڪاميابي حاصل ڪئي جيڪو پاڪستان جي تاريخ جو عظيم ترين لمحو هو. وزيراعظم چيو ته جڏهن انسان جو عزم پختو هجي ته سڀ ڪجهه ممڪن آهي، چئلينجز ۽ مشڪلاتون اينديون آهن پر جيڪڏهن مشڪلاتن ۽ چئلينجز جي مقابلي جي لاءِ اميد، حوصلو ۽ توانائي هجي ته معرڪه حق جهڙا تاريخي ڪارناما جنم وٺن ٿا. وزيراعظم چيو ته اسڪائي 47 جهڙا عظيم منصوبا پاڪستان جي مستقبل جي ضمانت آهن، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي بصرت افروز قيادت، حصيدار زيڊ ٽي اي، انفارميشن ٽيڪانلاجي واري وفاقي وزير ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري کي ڀرپور حمايت تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، قوم کي اسڪائي 47 جهڙو تحفو ڏيڻ تي سمورين ڌرين جو ٿورائتو آهيان، مسلسل محنت اهڙن عظيم منصوبن کي حقيقت جو روپ ڏي ٿي، اهڙي طرح جا منصوبا ڪراچي ۽ لاهور ۾ به مڪمل ڪيا ويندا، سمورن سرڪاري ادارن کي ان سهولت سان ڳنڍڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته هي منصوبو پاڪستان جي عوام جي لاءِ هڪ بهترين تحفو آهي جيڪو فتح نه ٿيڻ جوڳي سيڪيورٽي فراهم ڪندو، ان منصوبي سان اها اميد ۽ حوصلو ملي ٿو ته جيڪڏهن اسان متحد ٿي ڪم ڪريون ته ڪو به هدف حاصل ڪرڻ ناممڪن نه آهي. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي ڊيٽا سينٽر بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي. تقريب کي خطاب ڪندي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو ته اسڪائي 47 ڊيٽا سينٽر جو افتتاح پاڪستان ۾ مصوعي ذهانت جي نئين دور جي شروعات آهي. هن چيو ته اڄ هڪ نئين معاشي دور جا دروازا کلي رهيا آهن، اسان پنهنجي وسيلن ۽ افرادي قوت مان ڀرپور فائدو کڻي سگهنداسين، ڊيٽا سان حاصل ٿيندڙ بصيرت مستقبل جي حقيقي معاشي طاقت آهي، مصنوعي ذهانت جي عالمي ڊوڙ، محفوظ، گهٽ لاڳت ۽ موثر استعمال تي ڀاڙيندڙ هوندي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت جي ميدان ۾ ايندڙ چٽاڀيٽي ڊيٽا جي موثر استعمال تي هوندي، اسڪائي 47 ۾ جديد اسٽوريج، جي پي يوز ۽ هاءِ پرفارمنس ڪمپيوٽنگ سسٽمز دستياب هوندا. سي اي او اسڪائي 47 حسن عباس چيو ته دنيا ۾ 12 هزار ڊيٽا سينٽرز آهن جڏهن ته پاڪستان ۾ رڳو 22 ڊيٽا سينٽرز آهن ۽ اسان جي ڊيجيٽل گنجائش تمام وڌيڪ آهي، اسان جو اي ڪامرس بزنس 25 کان 30 سيڪڙو سالياني جي شرح سان وڌي رهيو آهي، ان ڊيٽا سينٽر جي ذريعي ملڪ ۾ ڊيجيٽل شعبي ۾ هڪ مضبوط بنياد رکيو پيو وڃي. واضح رهي ته اسڪائي 47 ڊيٽا سينٽر ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ پاڻڀرائپ طرف اهم اڳڀرائي آهي، ڊيٽا سينٽر مصنوعي ذهانت، مشين لرننگ ۽ هاءِ پروفيشن ڪمپيوٽنگ جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ڊيٽا سينٽر ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ڊيٽا هوسٽنگ ۽ ڊيجيٽل خدمتن جي لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪندو، ڊيٽا سينٽر حساس قومي ۽ واپاري معلومات کي محفوظ رکڻ جو اهم ذريعو آهي.










