بائرن ميونخ ڪونراڊلائمر جي معاهدي ۾ 2029ع تائين واڌ ڪري ڇڏي

برلن- 21 جولاءِ (اي پي پي) بائرن ميونخ آسٽريا جي عالمي رانديگر ڪونراڊلائمر جي معاهدي ۾ جون 2029ع تائين وڌا جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب 29 سالن جو رانديگر ڪونراڊلائمر سال ع ۾ بائرن ميونخ ۾ شامل ٿيو هيو ۽ جرمن سپر ڪپ کٽي چڪو آهي.ڪلب جي سپورٽنگ بورڊ جي ميمبر ميڪس ايبرل، ڪونراڊ لائمر کي ٽيم اهم حصو قرار ڏيندي چيو ته هو هر ڏينهن ٻين رانديگرن کي متحرڪ ڪندو آهي. ڪونراڊ لائمر بائرن لاءِ 136 …

برلن- 21 جولاءِ (اي پي پي) بائرن ميونخ آسٽريا جي عالمي رانديگر ڪونراڊلائمر جي معاهدي ۾ جون 2029ع تائين وڌا جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب 29 سالن جو رانديگر ڪونراڊلائمر سال ع ۾ بائرن ميونخ ۾ شامل ٿيو هيو ۽ جرمن سپر ڪپ کٽي چڪو آهي.ڪلب جي سپورٽنگ بورڊ جي ميمبر ميڪس ايبرل، ڪونراڊ لائمر کي ٽيم اهم حصو قرار ڏيندي چيو ته هو هر ڏينهن ٻين رانديگرن کي متحرڪ ڪندو آهي. ڪونراڊ لائمر بائرن لاءِ 136 ميچون کيڏيون آهن، جن ۾ هن 7 گول ڪيا ۽ 19 اسسٽ فراهم ڪيا جڏهن ته هن بنيادي طور تي رائٽ بيڪ جي حيثيت سان پنهنجي پوزيشن کي مضبوط ڪيو آهي. هيڊ ڪوچ ونسنٽ ڪمپني جي مسلسل گردش جي باوجود، هو گذريل سيزن ۾ اهم ميچن جو حصو رهيو . اتر آمريڪا ۾ ٿيل سال 2026ع جي عالمي ورلڊ ڪپ ۾ هن آسٽريا لاءِ کيڏندو هو، جنهن کان پوءِ سندس ٽيم رائونڊ آف 32 ۾ چيمپيئن اسپين کان هارايو هيو. ڪونراڊ لائمر معاهدي جي واڌ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته هو ميونخ ۾ تمام گهڻو خوش آهي ۽ ٽيم جي ڪاميابي لاءِ هر سيڪنڊ پنهنجون سڀ صلاحيتون فراهم ڪندو رهندو.

مزید خبریں