ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي، پيپلز پارٽي جي احتجاجي تحريڪ جي ٻئين مرحلي ۾ 24 جولاءِ تي تعلقي سطح تي ريليون ڪڍڻ جو اعلان

سانگھڙ- 21 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ، سنڌو درياهه جي پاڻي جي تحفظ ۽ سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙين خلاف جاري احتجاجي تحريڪ جي ٻئي مرحلي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت 24 جولاءِ (جمعي ڏينهن) سنڌ جي سمورن تعلقن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون وينديون. جاري ڪيل پريس پڌرائي موجب پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو پارٽي ڪارڪنن ۽ تنظيمن کي هدايتون جاري ڪندي چيو …

سانگھڙ- 21 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ، سنڌو درياهه جي پاڻي جي تحفظ ۽ سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙين خلاف جاري احتجاجي تحريڪ جي ٻئي مرحلي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت 24 جولاءِ (جمعي ڏينهن) سنڌ جي سمورن تعلقن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون وينديون. جاري ڪيل پريس پڌرائي موجب پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو پارٽي ڪارڪنن ۽ تنظيمن کي هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته احتجاجي تحريڪ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي نعري ”مرسون مرسون، سنڌو نه ڏيسون“ تحت جاري رکي ويندي. پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي سانگهڙ جي اطلاعات سيڪريٽري عمران ڌامراھ موجب ضلعي سانگهڙ جي سمورن تعلقه هيڊڪوارٽرز ۾ به احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا ڪيا ويندا، جن ۾ پارٽي جا عهديدار، ڪارڪن ۽ چونڊيل نمائندا شرڪت ڪندا. هن چيو ته احتجاجي ريلين ذريعي ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙين خلاف آواز اٿاريو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته مظاهرين ڀارت پاران آبي قدمن خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. هن ٻڌايو ته پيپلز پارٽي جي ضلعي ۽ تعلقي تنظيمن کي احتجاجي پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

مزید خبریں