اسلام آباد۔03 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ وچڙندڙ بيمارين کي ڦهلجڻ کان فوري طور تي روڪڻ جي لاءِ غير معياري سرنج جي تياري ۽ استعمال تي مڪمل پابندي لاڳو ڪرڻ ۽ ڏوهاري غفلت جي مرتڪب ماڻهن ۽ اسپتالن خلاف قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ايڊز ۽ هيپاٽائيٽس سي …
وزيراعظم پاران ملڪ ۾ وچڙندڙ بيمارين کي ڦهلجڻ کان فوري طور تي روڪڻ جي لاءِ غير معياري سرنج جي تياري ۽ استعمال تي مڪمل پابندي لاڳو ڪرڻ ۽ ڏوهاري غفلت ڪندڙن خلاف ڪارروائي جي هدايت
اسلام آباد۔03 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ وچڙندڙ بيمارين کي ڦهلجڻ کان فوري طور تي روڪڻ جي لاءِ غير معياري سرنج جي تياري ۽ استعمال تي مڪمل پابندي لاڳو ڪرڻ ۽ ڏوهاري غفلت جي مرتڪب ماڻهن ۽ اسپتالن خلاف قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ايڊز ۽ هيپاٽائيٽس سي جهڙين وچڙندڙ بيمارين جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس جمعي ڏينهن منعقد ٿيو. اجلاس ۾ قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، صحت واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ، اٽارني جنرل آف پاڪستان منصور اعواڻ، گلوبل فنڊ جي نمائندي ازاسڪون گويريا، عوامي صحت جي ماهرن، قومي صحت واري وزارت، ڊريپ جي نمائندن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم هدايت ڪئي ته وچڙندڙ بيمارين جي ڦهلجڻ کي فوري طور تي روڪڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ غير معياري سرنجن جي تياري ۽ استعمال تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وڃي. هن ضابطي جي خلاف سرنجن جي استعمال ۾ ملوث ماڻهن ۽ اسپتالن يا ان کي روڪڻ ۾ مجرماڻي غفلت ڪندڙ ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ ۽ وچِڙندڙ بيمارين تي ضابطو آڻڻ لاءِ ماهرن جي هڪ خاص ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪميٽي پنهنجي سفارشون تيار ڪرڻ وقت صوبن سان مُشاورت يقيني بڻائي. وزيراعظم قانون واري وزارت ۽ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي قانوني ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ ۾ ضروري ترميمون تجويز ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. هن چيو ته قومي سطح تي جامع حڪمت عملي جي جوڙجڪ ۽ موثر عملدرآمد ئي هِن مسئلي جو حل آهي. سرنجن سان وچڙندڙ مرضن جي ڦهلجڻ جي مستقل خاتمي جي لاءِ ڊريپ طبي اوزارن جي صنعت سان مُشاورت ڪري پاليسي قدم تجويز ڪري. وزيراعظم چيو ته وچڙندڙ بيمارين کي ڦهلجڻ کان روڪڻ جي لاءِ جاري ڪوششن ۾ عالمي حصيدارن جي مدد تمام گهڻي اهم آهي. علاج سان لاڳاپيل اوزارن جي تياري ۽ صحت جي شعبي جي عملي جي عالمي معيار جي تربيت تي پڻ خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي هدايت تي قائم ڪيل خصوصي ٽاسڪ فورس ۽ قومي صحت واري وزارت طرفان وچڙندڙ بيمارين کي ڦهلجڻ کان روڪڻ جي لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي.











