اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) اوورسيز پاڪستانيز واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان آمريڪي ناظم الامور نيٽلي بيڪر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ - آمريڪا ناتن، پاڪستانين لاءِ هنر، روزگار جي موقعن جي فراهمي ۽ افرادي قوت جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ آمريڪي ناظم الامور عالمي امن جي ڪوششن تي وزيراعظم محمد شهباز …
وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان آمريڪي ناظم الامور جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) اوورسيز پاڪستانيز واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان آمريڪي ناظم الامور نيٽلي بيڪر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ – آمريڪا ناتن، پاڪستانين لاءِ هنر، روزگار جي موقعن جي فراهمي ۽ افرادي قوت جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ آمريڪي ناظم الامور عالمي امن جي ڪوششن تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪوششن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ پُراڻا ۽ تاريخي ناتا قائم آهن، جن کي مختلف شعبن ۾ سهڪار ذريعي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي ٿي، غير قانوني اميگريشن کي روڪڻ لاءِ پاڪستان ڪيترائي قانوني ۽ انتظامي قدم کنيا آهن، گذريل سال پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين طرفان اُماڻيل پرڏيهي ناڻو 38 ارب آمريڪي ڊالر کان وڌي ويو آهي، اوورسيز پاڪستاني معاشي ترقيءَ ۾ حصيدار آهن، پاڪستان ۽ دنيا جي مختلف ملڪن وچ ۾ هڪ مضبوط پُل جو ڪردار به ادا ڪن ٿا، پاڪستان ڪنسٽرڪشن، انفارميشن ٽيڪنالاجي، هيلٿ ڪيئر، سياحت ۽ ٻين شعبن ۾ افرادي قوت سڄي دنيا ۾ روانگي واپار ڪري رهي آهي. آمريڪي ناظم الامور پاڪستان جي افرادي سگهه جي پيشيوراڻي مهارتن جي تعريف ڪندي چيو آهي ته آمريڪا مختلف شعبن ۾ هنرمند افرادي قوت جي طلب رکي ٿو ۽ پاڪستان سان سهڪار کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿو، آمريڪا پاڪستان کي خطي ۾ هڪ اهم ڀائيوار طور ڏسي ٿو، آمريڪا پاڪستان سان تعليم، تربيت، مهارتن جي ترقي ۽ افرادي وسيلن جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستانين لاءِ آمريڪا ۾ سياحت، هاسپٽيلٽي، هيلٿ ڪيئر ۽ ٻين شعبن ۾ روزگار جا موقعا موجود آهن. ملاقات ۾ اوورسيز پاڪستانيز بابت مملڪتي وزير عون چوڌري، اوورسيز پاڪستانيز وارو سيڪريٽري نديم اسلم چوڌري، ايم ڊي او اي سي نصير خان ڪاشاني ۽ سيڪريٽري ورڪرز ويلفيئر فنڊ ذوالفقار احمد خان به شامل هئا.









