اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيما وزيراعظم آفيس سسٽم (پي ايم او ايس) جي نظام جا وڏي پيماني تي لاڳو ڪرڻ کان اڳ ان کي وڌيڪ اثرائتو، صارف دوست ۽ عملي ضرورتن موجب بهتر بنائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها ڳالهه وزيراعظم آفيس سسٽم جو جائزو وٺڻ لاءِ رٿيل اجلاس ۾ چئي. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته پي ايم او ايس …
وزيراعظم آفيس سسٽم ذريعي رٿائن ۽ هدفن جي حقيقي وقت ۾ نگراني کي ڊجيٽل مانيٽرنگ سان اثرائتو بڻايو ويندو: وفاقي وزير احد چيما

مزید خبریں
اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيما وزيراعظم آفيس سسٽم (پي ايم او ايس) جي نظام جا وڏي پيماني تي لاڳو ڪرڻ کان اڳ ان کي وڌيڪ اثرائتو، صارف دوست ۽ عملي ضرورتن موجب بهتر بنائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها ڳالهه وزيراعظم آفيس سسٽم جو جائزو وٺڻ لاءِ رٿيل اجلاس ۾ چئي. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته پي ايم او ايس مصنوعي ذهانت تي ٻَڌل هڪ جديد پليٽ فارم آهي، جنهن جو مقصد حڪومتي نظم و نسق کي مضبوط بنائڻ، مختلف وزارتن ۽ کاتن وچ ۾ رابطا بهتر بنائڻ ۽ حڪومتي قدمن جي نگراني کي اثرائتو بنائڻ آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، آءِ ٽي وارو سيڪريٽري ضرار هاشم خان، پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽيءَ جو چيئرمين سهيل منير، لاڳاپيل ايڊيشنل سيڪريٽريز، جوائنٽ سيڪريٽريز ۽ وزيراعظم جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽيءَ جي عملدارن پي ايم او ايس جو تفصيلي عملي مظاهرو پيش ڪيو. شرڪت ڪندڙن کي نظام جي جديد خصوصيتن کان آگاهه ڪيو ۽ ٻُڌايو ويو ته هي پليٽ فارم سمورن وفاقي وزارتن کي وزيراعظم آفيس سان هڪ مرڪزي ڊجيٽل نظام ذريعي ڳنڍيندو. ان ذريعي مختلف ڪمن، رٿائن ۽ هدفن جي حقيقي وقت ۾ نگراني ممڪن ٿيندي، جنهن سان حڪومتي معاملن ۾ شفافيت، جوابدهي ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ واڌ ٿيندي. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته وزيراعظم آفيس طرفان جاري ٿيل هدايتون فوري طور تي لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن تائين ان پليٽ فارم ذريعي پهچايون وينديون. اهو نظام اڳڀرائيءَ جي فوري نگراني ۽ ڪارڪردگي جي جائزي جي سهولت به فراهم ڪندو، جنهن جي نتيجي ۾ فيصلي ساز اهم ذميدارين ۽ رٿائن جي صورتحال کان هر وقت باخبر رهي سگهبو. پي ايم او ايس جي هڪ نمايان خاصيت ان جو پاڻمرادو الرٽ سسٽم آهي جيڪو مقرر مُدو گذرڻ وارن ڪمن بابت وفاقي سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل آفيسرن جي اڪائونٽس تي پاپ اپ نوٽيفڪيشنز ذريعي اطلاع ڏيندو. اميد آهي ته ان سهولت سان حڪومتي هدفن تي وقت سر عملدرآمد ۽ اثرائتو فالو اپ کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي. اجلاس کي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽيءَ جي تيار ڪيل جي پي ٽي تي ٻَڌل تحقيقي نظام بابت به بريفنگ ڏني وئي. هي نظام اڳوڻين هدايتن، فيصلن ۽ سرڪاري حڪمن مان فائدو کڻندي اندروني تحقيقي سرگرمين ۾ معاونت فراهم ڪندو، جنهن سان اداره جاتي معلومات تائين تيز رفتار پهچ ۽ بهتر فيصلي سازي ممڪن ٿيندي. هي جي پي ٽي سسٽم سرڪاري آفيسرن لاءِ هڪ ورچوئل معاون طور تي به ڪم ڪندو، جيڪو سرڪاري طريقيڪار ۽ ورڪ فلو کان آگاهه هوندو. مصنوعي ذهانت جي مدد سان هي آفيسرن طرفان حوالي ڪيل سرڪاري معاملن ۾ معاونت ۽ ڪجهه ڪمن کي مڪمل ڪري سگهندا، جنهن سان حڪومتي کاتن ۾ پيداواريت، ڪارڪردگي ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي وڌيڪ بهتر ٿيندي. وفاقي زوير چيو ته پاڪستان مصنوعي ذهانت تي ٻَڌل ڊجيٽل طرزِ حڪمراني طرف گامزن آهي جنهن جو مقصد ڪارڪردگي، شفافيت ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي بهتر بنائڻ آهي. هن چيو ته پرائيم منسٽر آفيس سسٽم قومي ڊجيٽل ماسٽر پلان جي لاڳو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ بين الوزارتي رابطن ۽ ڊجيٽل انضمام کي وڌيڪ مضبوط بنائيندو. هن چيو ته عوامي سهولتن لاءِ پهرين کان موجود ڊجيٽل خدمتن، جن ۾ آسان خدمت مرڪز ۽ ٻيا آن لائن پليٽ فارمز شامل آهن، هڪ مربوط حڪومتي ڊجيٽل نظام ذريعي وڌيڪ اثرائتو بڻايو ويندو، ڊجيٽل ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي نظام ۽ ٻي ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل حڪومتي قدمن کي مستقبل ۾ وڌيڪ هٿي ڏني ويندي، جنهن سان هڪ جديد، جوابده ۽ عوام دوست سرڪاري نظام جي قيام ۾ مدد ملندي. اجلاس جي پڄاڻيءَ تي ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت مان ڀرپور فائدو کڻندي حڪمرانيءَ کي مضبوط، عوامي خدمتن کي بهتر ۽ حڪومتي نظام کي وڌيڪ اثرائتو، شفاف ۽ جوابده بڻايو ويندو.










