ملڪ ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ وسيع موقعا موجود آهن، جرمن ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي: قيصر احمد شيخ

اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته ملڪ ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ وسيع موقعا موجود آهن، جرمن ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن اها ڳالهه اربع تي هتي جرمني جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، وفد جي قيادت جرمن ايس ايم اي …

اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته ملڪ ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ وسيع موقعا موجود آهن، جرمن ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن اها ڳالهه اربع تي هتي جرمني جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، وفد جي قيادت جرمن ايس ايم اي جي نمائنده ميٿيوشا ڪري رهي هئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جا وسيع موقعا موجود آهن، جرمن ڪمپنين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري سان ٻنهي ڌُرين کي فائدو پهچندو. هن پاڪستاني ڪاروباري ادارن کي يورپ تائين پهچ ڏيڻ جي اهميت تي به روشني وڌي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت ڪاروبار ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سازگار پاليسيون جوڙيون آهن، جڏهن ته ريگيوليٽري سڌارن جو سلسلو به جاري آهي. هن چيو ته پاڪستاني نوجوان باصلاحيت آهن، 60 سيڪڙو نوجوان آباديءَ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي ته جيئن سندن حقيقي سگهه مان فائدو کڻي سگهجي. ملاقات ۾ جرمن، سوئيس ۽ آسٽرين مشينري جي فراهمي ۽ ايس ايم ايز لاءِ مالي سهولتن تي ڳالهيون ٿيون. ان کان علاوه پاڪستان ۾ ووڪيشنل ٽريننگ ادارا قائم ڪرڻ ۽ هرمند افرادي سگهه تيار ڪرڻ تي به غور ٿيو. وفاقي وزير سيڙپڪارن کي مڪمل سهولت فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته بورڊ آف انويسٽمينٽ عالمي سيڙپڪارن لاءِ سازگار ماحول ڪرڻ ۾ پُرعزم آهي. ملاقات ۾ پاڪستان جي شين ۽ مهارتن کي يورپي مارڪيٽن سان جوڙڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو ويو.

مزید خبریں