اسيمبليءَ ۾ سينيٽرز تي تنقيد جو جواب ڏئي ڇڏيو هو، اها ڪنهن ميمبر جي ذاتي راءِ هئي، پوري ايوان جي نه: قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير

اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته اسيمبليءَ ۾ سينيٽرز تي تنقيد جو جواب ڏئي ڇڏيو هو، اها ڪنهن ميمبر جي ذاتي راءِ هئي، ايوان جي راءِ نه هئي. سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر دنيش ڪمار جي اعتراض واري نُڪتي جو جواب ڏيندي سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته ان وقت مان هتي موجود هئس. اها ڪنهن ميمبر …

اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته اسيمبليءَ ۾ سينيٽرز تي تنقيد جو جواب ڏئي ڇڏيو هو، اها ڪنهن ميمبر جي ذاتي راءِ هئي، ايوان جي راءِ نه هئي. سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر دنيش ڪمار جي اعتراض واري نُڪتي جو جواب ڏيندي سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته ان وقت مان هتي موجود هئس. اها ڪنهن ميمبر جي ذاتي راءِ هئي پوري ايوان جي راءِ نه هئي. مون کين ان ئي لهجي ۾ جواب ڏنو هو. اسان پنهنجي ڪوليگز جي حوصله افزائي ڪريون ٿا. ان کان اڳ سينيٽر دنيش ڪمار اعتراض واري نُڪتي ۾ چيو ته هڪ قومي اسيمبلي ميمبر سمورن سينيٽرن بابت اڻوڻندڙ ڳالهيون ڪيون آهن. ڪنهن کي حق ناهي ته سينيٽ جي ميمبرن جي حوالي سان اهڙا لفظ استعمال ڪري. سينيٽ چيئرمين چيو ته هي هڪ نان اِشو آهي ان لاءِ اسان ان کي وڃڻ ٿا ڏيون.

مزید خبریں