حڪومت ملڪ ۾ زرعي شعبي کي جديد بنائڻ لاءِ وڏن سڌارن تي عمل پيرا آهي، ٻن سالن ۾ زيتون جي تيل جو روانگي واپار هڪ ارب ڊالرن تائين وڌائڻ چاهيون ٿا: رانا تنوير حسين

اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ زرعي شعبي کي جديد بنائڻ لاءِ وڏن سڌارن تي عمل پيرا آهي، آبادگارن جي معاونت جي پروگرام ۽ ويليو ايڊڊ روانگي واپار شامل آهي، حڪومت ٻن سالن ۾ زيتون جي تيل جو روانگي واپار هڪ ارب ڊالرن تائين وڌائڻ چاهي ٿي، عالمي سطح تي تازي ڇڪتاڻ …

اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ زرعي شعبي کي جديد بنائڻ لاءِ وڏن سڌارن تي عمل پيرا آهي، آبادگارن جي معاونت جي پروگرام ۽ ويليو ايڊڊ روانگي واپار شامل آهي، حڪومت ٻن سالن ۾ زيتون جي تيل جو روانگي واپار هڪ ارب ڊالرن تائين وڌائڻ چاهي ٿي، عالمي سطح تي تازي ڇڪتاڻ ۾ پاڪستان جي ٽياڪڙي کي ساراهيو ويو آهي، ملڪي سطح تي به قومي اتحاد جي ضرورت آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي هن چيو ته حڪومت ملڪ جي زرعي شعبي کي جديد بنائڻ لاءِ وڏن سڌارن تي عمل پيرا آهي، جنهن ۾ ميڪانائزيشن، ٻج جي ريگيوليشن، تحقيق، آبادگارن جي معاونت جو پروگرام ۽ ويليو ايڊڊ روانگي واپار شامل آهي. ميڪانائزيشن، زرعي پيداوار وڌائڻ ۽ شعبي کي تبديل ڪرڻ لاءِ بنيادي ضرورت آهي. هن چيو ته حڪومت ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ جديد پوکيءَ جي طريقن تي ڌيان ڏئي رهي آهي ته جيئن پيداوار بهتر ٿئي. هن چيو ته جڏهن موجوده حڪومت 2024ع ۾ اقتدار ۾ آئي ته ملڪ ۾ اٽڪل 1100 رجسٽرڊ ٻج ڪمپنيون هيون، جنهن مان اٽڪل 450 بدانتظاميءَ ۾ ملوث ڏٺيون ويون. انهن جا لائسنس رد ڪيا ويا ته جيئن آبادگارن کي معياري تصديق ٿيل ٻج دستياب ٿي سگهي. نگرانيءَ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ حڪومت نيشنل سيڊ ريگيوليٽري اٿارٽي قائم ڪئي آهي، جيڪو هڪ آزاد ادارو آهي جنهن جو بورڊ آف گورنر آهي. ان جو ڪم ٻج جي شعبي کي ريگيوليٽ ڪرڻ ۽ صرف تصديق ٿيل ٻج ئي آبادگارن تائين پهچائڻ آهي، جنهن سان زرعي پيداوار محفوظ ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت زرعي تحقيق کي به ترجيح ڏئي رهي آهي ۽ پاڪستان زرعي تحقيق ڪائونسل کي تبديل ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي، ان سلسلي ۾ چين جي اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنسز سان سهڪار شروع ڪيو ويو آهي. سندن ماهر پاڪستان آيا ۽ پي اي آر سي جي نئين سر جوڙجڪ تي سفارشون پيش ڪيون چيني فني ماهرن جي ان سلسلي ۾ خدمتن به حاصل ڪيون پيون وڃن ته جيئن ايندڙ هڪ کان ٻن سالن ۾ موسمياتي حالتن موجب ٻج جا قسم تيار ڪرڻ ۾ مدد ملي. هن چيو ته بدلجندڙ موسم فصلن جي پيداوار تي خراب اثر وجهي رهيا آهن ۽ آبادگار پاڻ انهن اثرن جو مشاهدو ڪري رهيا آهن. حڪومت موسمي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مشاورتي خدمتون فراهم ڪري رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته ”زرخيز اسڪيم“ نالي هڪ نئون پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، جنهن تحت 25 ايڪڙ کان گهٽ زمين وارن ننڍن آبادگارن کي بنا ضمانت جي قرض ڏنا ويندا، ان اسڪيم تحت ڪرائيدار آبادگار ۽ پوکي ڪندڙ آبادگار ذاتي ضمانت ذريعي فنانسنگ حاصل ڪري سگهندا. هن چيو ته حڪومت اسٽيٽ بئنڪ کي هدايت ڪئي آهي ته زرعي قرض وڏي ايگرو بزنسز ۽ انڊسٽريز بدران ننڍن آبادگارن تائين پهچي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت هزار زرعي گريجوئيش کي چين اُماڻيو آهي جتي کين مختلف شعبن ۾ 3 کان 6 مهينن جي عملي تربيتي پروگرام ۾ شامل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم جي چين جي دؤري کانپوءِ چين جي اعليٰ زرعي ادارن سان هڪ ٻئي 1000 شاگردن جي بيچ جو اعلان ڪيو ويو آهي. زيتون جي شعبي جي نشاندهي ڪندي هن ان کي بي پناهه صلاحيت وارو شعبو قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستاني زيتون جي تيل جي پروڊيوسرز معيار تي 3 سلور ميڊلز کٽيا آهن ۽ ملڪ مقامي کپت باوجود اٽڪل 80 ملين ڊالرن جو زيتون جو تيل روانگي واپار ڪيو آهي. هن چيو ته حڪومت مناسب معاونت سان ٻن سالن ۾ زيتون جي تيل جي روانگي واپار کي هڪ ارب ڊالرن تائين وڌائڻ چاهي ٿي. هن نئين شروع ڪيل ضلعي ترقياتي پروگرام جو ذڪر ڪندي چيو ته هي پروگرام ملڪ جي 10 سڀ کان وڌيڪ پُٺتي پيل ضلعن ۾ شروع ڪيو ويو آهي. انهن قدمن تحت 5 ايڪڙ زمين رکندڙ آبادگارن کي سڌيءَ ريت مالي معاونت، لائيو اسٽاڪ امداد ۽ پيداواري مراعتون ملنديون، جن ۾ في ايڪڙ 15 هزار رپيا شامل آهن. هي پروگرام ننڍن آبادگارن کي معياري اِن پُٽس تائين پهچ، پيداوار بهتر ڪرڻ ۽ جديد پوکيءَ جي طريقي کي اختيار ڪرڻ ۾ مدد ملندي. رانا تنوير حسين چيو ته چين ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي سيڙپڪارن پاڪستان ۾ ڪنٽريڪٽ فارمنگ ۽ زرعي سيڙپڪاريءَ جي رٿائن ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. صوبائي قدمن جي طرف اشارو ڪندي هن پنجاب جي بنا وياج آبادگار ڪارڊ پروگرام جي تعريف ڪئي، جنهن تحت اٽڪل 8 لک ننڍا آبادگار رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن. صوبائي حڪومت اسڪيم لاءِ واڌو فنڊز رکيا آهن ۽ ٽريڪٽر، سولر پاورڊ ٽيوب ويلز ۽ زرعي ميڪانائزيشن لاءِ شفاف بيلٽنگ ذريعي امداد فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام جي وعدن ۽ محدود مالي وسيلن باوجود حڪومت نوان ٽيڪس ناهن لڳايا پر روانگي واپار ڪندڙن ۽ مختلف صنعتن کي مراعتون ڏنيون. رانا تنوير حسين چيو ته حڪومت ٽريلين رپين جا ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز گهٽ ڪيا آهن ۽ ان سان ٿيندڙ روينيو جي خساري کي بهتر ٽيڪس ڪمپلائنس ۽ مضبوط لاڳو ڪرڻ ذريعي پورو ڪرڻ جو منصوبو آهي.

مزید خبریں