ڊسٽري بيوشن ڪمپنين بجلي جي بلن جو نئون ۽ آسان فارميٽ جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) توانائيءَ واري وزارت جي هدايت تي سڄي ملڪ جي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين بجلي جي بلن جو نئون ۽ آسان فارميٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو مقصد صارفين کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ ۽ بلنگ بابت معلومات کي وڌيڪ واضح ۽ فهم جوڳو بڻائڻ آهي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب نئين ڊزائين ۾ صارفين لاءِ بل سمجهڻ وڌيڪ آسان ٿي ويندو، جنهن سان …

اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) توانائيءَ واري وزارت جي هدايت تي سڄي ملڪ جي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين بجلي جي بلن جو نئون ۽ آسان فارميٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو مقصد صارفين کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ ۽ بلنگ بابت معلومات کي وڌيڪ واضح ۽ فهم جوڳو بڻائڻ آهي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب نئين ڊزائين ۾ صارفين لاءِ بل سمجهڻ وڌيڪ آسان ٿي ويندو، جنهن سان صارفين هاڻ کپت، بل جا تفصيل ۽ ادائگيءَ جي معلومات ڏسي سگهندا. هن چيو ته نئون فارميٽ سادگي، شفافيت ۽ بهتر صارفي تجربن کي نظر ۾ رکندي صارفين جي شڪايتن کانپوءِ بل فارميٽ کي مڪمل طور تي نئين سر ترتيب ڏنو ويو آهي. ترجمان چيو ته پُراڻو بل، غير ضروري معلومات، فني سڌارن، پيچيده ترتيب سبب سمجهڻ مشڪل هو، نئين فارميٽ ۾ رقم، مقرر ڪيل تاريخ ۽ بجلي جي استعمال جا تفصيل نمايان درج آهن ۽ ان ۾ معلومات کي منظم انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي، صارف هاڻ هڪ نظر ۾ پنهنجي بلنگ جي مڪمل صورتحال ڄاڻي سگهبي، نئين بجلي بل ۾ بصري پيچيدگي گهٽ ڪئي وئي آهي ۽ نئون فارميٽ سمورن طبقن جي صارفين لاءِ وڌيڪ فهم جوڳو بڻايو ويو آهي. ترجمان چيو ته جديد سهولت تحت نئين بجلي بلن ۾ ڪيو آر ڪوڊ کي به شامل ڪيو ويو آهي جنهن سان صارفين اضافي معلومات ۽ ڊجيٽل سروسز تائين فوري پهچ حاصل ڪري سگهندا. نئين بجلي بلن جي جوڙجڪ صارفين ۽ مختلف ڌُرين جي تجويزن جي روشنيءَ ۾ جاري ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاور سيڪٽر ۾ شفافيت، بهتر خدمتن ۽ سڌارن جو عمل جاري رهندو. هن چيو ته في الحال ليسڪو، گيپڪو ۽ ميپڪو جي بجلي جا بل نئين فارميٽ ۾ پرنٽ ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، جڏهن ته آئيسڪو جي بلن جي نئن فارميٽ ۾ پرنٽنگ سومر کان شروع ٿي ويندي. ڊسڪوز پروڪيورمينٽ جي عمل ۾ آهن جنهن کان پوءِ اُتي به نئين فارميٽ ۾ بلن جي پرنٽنگ شروع ٿي ويندي.

مزید خبریں