اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان برطانوي نائب پرڏيهي وزير هميش فالنڪر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ - برطانيه ناتن ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزارت جي ترجمان موجب برطانوي نائب پرڏيهي وزير آمريڪا ايران مفاهمت تي پاڪستان جي هاڪاري ۽ ڀرپور ڪردار کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد …
گهرو وزير محسن نقوي سان برطانوي نائب پرڏيهي وزير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان برطانوي نائب پرڏيهي وزير هميش فالنڪر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ – برطانيه ناتن ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزارت جي ترجمان موجب برطانوي نائب پرڏيهي وزير آمريڪا ايران مفاهمت تي پاڪستان جي هاڪاري ۽ ڀرپور ڪردار کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير امن لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪيو. ايران آمريڪا مفاهمت پاڪستان کي عالمي امن جو علمبردار بڻائي پيش ڪيو آهي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دهشتگرديءَ جي خاتمي، غير قانوني اميگريشين جي روڪٿام، اداره جاتي سهڪار، پوليس ٽريننگ سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو وزير جو چوڻ هو ته اپ اسڪيل پراجيڪٽ جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، پاڪستاني ادارن جي سگهه ۾ نمايان واڌ ٿي آهي. پاڪستان ۾ غير قانوني مائيگريشن ۽ انساني اسمگلنگ خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. ٻنهي وزيرن جعلي اسٽوڊنٽس ويزائن جي مسئلن جي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. گهرو وزير جو چوڻ هو ته ڪيتريون ئي دهشتگرد تنظيمون افغانستان مان سرگرم آهن، افغان حڪومت کي پاڪستان خلاف پنهنجي ڌرتي جي استعمال کي روڪڻو پوندو. گهرو وزير پاڪ برطانيه ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وزيرن چوڌري سالڪ حسين، علي پرويز ملڪ، طلال چوڌري، عون چوڌري، گهرو سيڪريٽري محمد خرم آغا، برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ، ڊي جي ايف آءِ اي، ڪمانڊنٽ اين پي ۽ ڊي جي اين سي سي آءِ اي به ان موقعي تي موجود هئا.










