قومي اسيمبليءَ ۾ بجيٽ تي 32 ڪلاڪ بحث ٿي چڪو آهي: قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر

اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي هاڻ تائين 32 ڪلاڪ کان وڌيڪ بحث ٿي چڪو آهي، جيڪو اربع ڏينهن تي مڪمل ٿي ويندو، ان کان پوءِ ايندڙ ٻن ڏينهن جي حوالي سان ڪارروائيءَ بابت گڏجي طئي ڪري وٺنداسين. اربع ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ ميمبرن جي بحث جي مُدي جي حوالي …

اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي هاڻ تائين 32 ڪلاڪ کان وڌيڪ بحث ٿي چڪو آهي، جيڪو اربع ڏينهن تي مڪمل ٿي ويندو، ان کان پوءِ ايندڙ ٻن ڏينهن جي حوالي سان ڪارروائيءَ بابت گڏجي طئي ڪري وٺنداسين. اربع ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ ميمبرن جي بحث جي مُدي جي حوالي سان آگاهه ڪندي هن ٻُڌايو ته مسلم ليگ (ن) جي 36 ميمبرن 7 ڪلاڪ 42 منٽن تائين بحث ۾ حصو ورتو، 8 ڪلاڪ 12 منٽ باقي آهن، پاڪستان پيپلز پارتي جي 31 ميمبرن 10 ڪلاڪ 5 منٽ بحث ۾ حصو ورتو آهي ۽ هنن پنهنجي وقت کان هڪ ڪلاڪ 10 منٽ وڌيڪ ڳالهايو آهي. ايم ڪيو ايم جي 10 ميمبرن بحث ۾ حصو ورتو ۽ 2 ڪلاڪ 51 منٽ ڳالهايو جنهن ۾ هنن پنهنجي طئي ٿيل وقت کان 12 منٽ وڌيڪ ڳالهايو. اپوزيشن جي وڏي پارٽي پي ٽي آءِ جي 47 ميمبرن 12 ڪلاڪ 12 منٽ ڳالهايو جيڪو طئي ٿيل وقت کان 2 ڪلاڪ وڌيڪ آهي. اهڙيءَ طرح جي يو پي، ايم ڊبليو ايم طئي ٿيل وقت کان وڌيڪ وقت ورتو. مخالف ڌر اڳواڻ هڪ ڪلاڪ 16 منٽ تقرير ڪئي. هن چيو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ڳالهائڻ چاهي ته هو مسلم ليگ (ن) کان وقت گُهرن. هن چيو ته 32 ڪلاڪ 4 منٽ بحث ٿي چڪو آهي. اڄ 40 ڪلاڪ پورا ٿي ويندا. ايندڙ ٻه ڏينهن ايوان جي ڪارروائي جي حوالي سان ويهي طئي ڪري وٺنداسين. ان کان اڳ چيف وهپ عامر ڊوگر طرفان اُٿاريل نُڪتن جي جواب ۾ اسپيڪر چيو ته گذريل سال 60 ڪلاڪ بحث ڪرايو ويو هو ۽ اپوزيشن کي ٻيڻو وقت ڏنو ويو هو تڏهن به کين گِلا هئي ته انهن کي مناسب وقت نه ڏنو ويو.