اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن به تيزي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو، جتي بينچ مارڪ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 118.05 پوائنٽس جي اضافي کان پوءِ 180511.02 پوائنٽس تي بند ٿيو. ڪاروباري سرگرمين دوران 564 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. 206 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 259 جي قيمتن ۾ لاٿ ۽ 99 جي قيمتن …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ لاڳيتو ٽئين ڏينهن به تيزي جو رجحان

مزید خبریں
اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن به تيزي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو، جتي بينچ مارڪ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 118.05 پوائنٽس جي اضافي کان پوءِ 180511.02 پوائنٽس تي بند ٿيو. ڪاروباري سرگرمين دوران 564 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. 206 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 259 جي قيمتن ۾ لاٿ ۽ 99 جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. مجموعي طور تي 1230.53 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي جن جي ماليت 69.21 ارب روپيه هئي. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 80.15 پوائنٽس جي لاٿ سان 53841.26 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم واءِ 30 انڊيڪس 449.65 پوائنٽس جي اضافي کان پوءِ 257350.10 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 10.15 ارب روپين جا سودا طئي ٿيا. سروس لانگ مارچ ٽائرز جا 189427474 شيئرز، ڪوهنور اسپننگ ملز 72276012 شيئرز ۽ ڪي اليڪٽر جي 53633860 شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. غني ڪيم ورلڊ لميٽڊ، فرسٽ النور مضاربه ۽ فرسٽ آءِ بي ايل مضاربه سڀ کان مٿي ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون.










