اسلام آباد - 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عوام دوست جيٽ سان صنعت جو ڦيٿو تيز ٿيندو، روانگي واپار تي ٻڌل معيشت کي هٿي ملندي، سمورو ڌيان پاڻي ذخيرن، آءِ ٽي، زراعت ۽ معدنيات تي مرڪوز آهي، خطي ۾ امن ۽ صورتحال معمول تي اچڻ جا مثبت اثر عوام کي منتقل ڪنداسين، اهو ممڪن نه آهي ته عوام قرباني ڏي ۽ اشرافيه مراعتون …
عوام دوست جيٽ سان صنعت جو ڦيٿو تيز ٿيندو، روانگي واپار تي ٻڌل معيشت کي هٿي ملندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عوام دوست جيٽ سان صنعت جو ڦيٿو تيز ٿيندو، روانگي واپار تي ٻڌل معيشت کي هٿي ملندي، سمورو ڌيان پاڻي ذخيرن، آءِ ٽي، زراعت ۽ معدنيات تي مرڪوز آهي، خطي ۾ امن ۽ صورتحال معمول تي اچڻ جا مثبت اثر عوام کي منتقل ڪنداسين، اهو ممڪن نه آهي ته عوام قرباني ڏي ۽ اشرافيه مراعتون حاصل ڪندي رهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار مسلم ليگ (ن) سان تعلق رکندڙ عورت پارليامينٽ ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن اربع ڏينهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عورت پارليامينٽ ميمبرن جي آجيان ڪندي جاري بجيٽ اجلاس ۾ ڀرپور شرڪت تي سندن ٿورا ادا ڪيا. وزيراعظم چيو ته حڪومت جيتري قدر ممڪن ٿي سگهيو بجيٽ ۾ عوام کي ريليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، بجيٽ ۾ ملڪ ۾ عورتن کي خودمختيار بڻائڻ ۽ انهن جي قومي ڌارا ۾ شموليت ۾ اضافي جي لاءِ قدم شامل آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني عورتن کي ملڪي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ بااختيار بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، الله جي فضل ۽ ڪرم سان خطي ۾ ڇڪتاڻ جا ڪڪر هٽيا ۽ امن قائم ڪرڻ جون ڪوششون ڪامياب ٿيون، دوست ملڪن جا ٿورائتا آهيون جن امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو. هن چيو ته ڇڪتاڻ جي شروعات کان ئي پاڪستان حڪومت خاص طور تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي ۽ پوري ٽيم امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ سچي نيت سان سرگرم عمل رهي. وزيراعظم چيو ته خطي ۽ عالمي امن جي پائيدار قيام سان ئي پاڪستان ۽ ٻين ملڪن جي معاشي ترقي جو خواب پورو ٿيندو، حڪومت گذريل مهينن ۾ عوام کي عالمي مهانگائي جي لهر کان جيتري قدر ممڪن ٿي سگهيو بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، الله جي فضل ۽ ڪرم سان خطي جي ٻين ملڪن وانگر نه ته ملڪ ۾ ڪو بحران آيو ۽ نه ئي ٻارڻ جي لاءِ ڊگهيون قطارون ڏسڻ لاءِ مليون. وزيراعظم چيو ته حڪومتي ٽيم جي بهتر منصوبابندي جي ڪري نه رڳو عوام کي پريشاني کان جيتري قدر ممڪن ٿيو بچايو ويو پر وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي تعاون سان وچولي ۽ معاشي طور تي ڪمزور طبقن جي لاءِ تاريخي پئڪيج ڏنو ويو. هن چيو ته تازي بحران ۾ سڀ کان پهرين قرباني جي شروعات ڪابينا ۽ سرڪاري ادارن کان ڪئي، اهو ممڪن نه آهي ته هن ملڪ جي عوام قرباني ڏي ۽ اشرافيه مراعتون حاصل ڪندي رهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت 128 ارب رپين جي سبسڊي ۽ وڏي پئماني تي ڪفايت شعاري مهم سان عوام جي پريشانين کي گهٽ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، تازين حالتن ۾ ملڪي معيشت کي مستحڪم رکڻ جي لاءِ وفاق ۽ صوبن مڪمل تعاون ڪيو جنهن تي صوبائي حڪومتن جا دل سان ٿورائتا آهيون، ان سموري صورتحال دوران ملڪي معيشت جي استحڪام ۾ عوام جو تمام وڏو ڪردار رهيو جنهن تي پاڪستان جي عوام کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته مشڪل معاشي صورتحال ۾ عوام دوست بجيٽ پيش ڪئي جنهن سان صنعت جو ڦيٿو تيز ٿيندو ۽ روانگي واپار تي ٻڌل معيشت کي هٿي ملندي. هن چيو ته ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ اسان جو ڌيان ملڪي مفادن خاص طور تي پاڻي ذخيرن ۾ اضافي، آءِ ٽي، زراعت ۽ معدنيات تي مرڪوز آهي ته جيئن پاڪستاني معيشت کي مضبوط بنياد فراهم ڪريون. وزيراعظم چيو ته خطي ۾ امن ۽ صورتحال معمول تي اچڻ کانپوءِ مثبت معاشي اثر عوام کي منتقل ڪيا ويندا، اهي سموريون ڪوششون ٽيم پاڪستان جي گڏيل جدوجهد جو نتيجو آهي ۽ انشاءَ الله اها ٽيم پاڪستان کي دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ بيهاريندي. عورت پارليامينٽ ميمبرن عالمي ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن تي وزيراعظم کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو. هن وزيراعظم ۽ حڪومتي معاشي ٽيم کي بجيٽ ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن کي هڪ جهڙا تعليم ۽ ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم شامل ڪرڻ تي پڻ ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو. پارليامينٽ ميمبرن وزيراعظم کي لاڳاپيل تڪن ۾ عوامي ڀلائي جي حوالي سان جاري منصوبن ۽ بجيٽ جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون. شرڪت ڪندڙن سڄي ملڪ ۾ تعليم، صحت، نوجوانن جي لاءِ نوڪرين جا موقعا، صنعت ۽ پيداوار، مواصلات، غذائي تحفظ ۽ ٻين شعبن ۾ قدمن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون. ملاقات ۾ پارليامينٽ ميمبرن سيده نوشين افتخار، بيگم تهمينه دولتانه، شائسته خان، طاهره اورنگزيب، شائسته پرويز، منيبه اقبال، نذهت صادق، مسرت آصف خواجه، رومينه خورشيد عالم، زيب جعفر، ڪرن عمران ڊار، زهره ودود فاطمي، آسيه ناز تنولي، صبا صادق، فرح ناز اڪبر، شهناز سليم ملڪ، زينب محمود بلوچ، ڪرن حيدر، اختر بي بي، غزاله انجم، مس شاهين، ثمر هارون بلور، سعيده جمشيد، تمڪين اختر نيازي، سائره تارڙ، هما اختر چغتائي، ماهه جبين خان عباسي، گلناز شهزادي، شمائله فريد، سيده آمنه بتول، رابعه نسيم فاروقي، ارم حامد حميد ۽ مس نيلم شريڪ هيون. اجلاس ۾ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، عوامي معاملن واري يونٽ بابت وزير راڻا مبشر اقبال، مملڪتي وزير شزرا منصب علي خان کرل، وجيهه قمر ۽ خاص معاون طلحى برڪيءَ پڻ شريڪ هئا.









