چراگاهُون ماڻهن جي معاشي وسيلن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيُون: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته چراگاهُون حياتياتي تنوع جي تحفظ، چوپائي مال جي پيداوار کي فروغ ڏيڻ، پاڻي جي نظام، ڪاربن ذخيري ۽ لکين ماڻهن جي معاشي وسيلن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيُون، ريگستان ۽ سوڪهڙي کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾، صدر …

اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته چراگاهُون حياتياتي تنوع جي تحفظ، چوپائي مال جي پيداوار کي فروغ ڏيڻ، پاڻي جي نظام، ڪاربن ذخيري ۽ لکين ماڻهن جي معاشي وسيلن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيُون، ريگستان ۽ سوڪهڙي کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾، صدر چيو ته هن سال عالمي ڏينهن جو موضوع "چراگاهُون: سڃاڻو، احترام ڪريو، بحال ڪريو” آهي، جيڪو انهن اهم قدرتي وسيلن ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو جيڪي سڄي پاڪستان ۾ ماڻهن جي روزي، خوراڪ جي تحفظ ۽ ماحولياتي توازن جي بنياد جي حيثيت رکن ٿا. صدر چيو ته اها يادگيري اسان جي چراگاهن، اسان جي ماڻهن جي ڀلائي ۽ اسان جي ماحول سان گهرو تعلق رکي ٿي. هن چيو ته چراگاهُون حياتياتي تنوع جي تحفظ، چوپائي مال جي پيداوار جي فروغ، پاڻي جي نظام، ڪاربن جي ذخيري ۽ لکين ماڻهن جي معاشي وسيلن جي استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيُون. صدر آصف علي زرداري چيو ته اهي پاڪستان جي ماحولياتي ۽ معاشي منظرنامي جو هڪ اهم حصو آهن، خاص طور تي خشڪ، نيم خشڪ، جابلو علائقن ۽ چراگاهن جي لاءِ. اهي خوراڪ جي تحفظ ۽ ٻهراڙي جي آبادي جي ڀلائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيُون. صدر چيو ته هي اهم ماحولياتي نظام موسمياتي تبديلي، بار بار سوڪهڙي، وڌيڪ چَرڻ، شهري پکيڙ، غير پائيدار زميني استعمال ۽ زمين جي تباهي جهڙن وڌندڙ خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي. چراگاهن جي زوال سان ماڻهن جا روزگار متاثر ٿين ٿا، خوراڪ جو نظام ڪمزور ٿئي ٿو ۽ موسمياتي آفتن جي مقابلي ۾ اسان جي مزاحمت ۾ گهٽائي اچي ٿي. صدر چيو ته پاڪستان جي خشڪ ۽ نيم خشڪ علائقن ۾ رهندڙ ڪيترن ئي خاندانن لاءِ، چراگاهون انهن جي روزمره جي زندگيءَ تي سڌو سنئون اثرانداز ٿين ٿيُون. صحتمند چراگاهون مال پالڻ، گهريلو آمدني کي مستحڪم ڪرڻ ۽ مقامي سطح تي خوراڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ڪن ٿيُون. تنهن ڪري، انهن وسيلن جو تحفظ رڳو هڪ ماحولياتي ترجيح ئي ناهي پر ڳوٺاڻي روزگار جي فروغ ۽ مقامي معيشتن جي استحڪام لاءِ پڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل هُجڻ جي ڪري پاڪستان ان حقيقت کي تسليم ڪري ٿو ته متاثر ٿيل زمينن جو بهتر انتظام ۽ بحالي ماحولياتي استحڪام، معاشي خوشحالي ۽ سماجي ڀلائي جي لاءِ اڻٽر آهي. پاڪستان جي حڪومت زمين جي انتظام جي طريقن کي فروغ ڏيڻ، سوڪهڙي کي مُنهن ڏيڻ جي لاءِ صلاحيت ۾ اضافي، متاثر ماحولياتي نظام جي بحالي ۽ ٻيلن، چراگاهن ۽ آبي لنگهن جي پيداواري صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ مسلسل قدم کڻي رهي آهي. صدر چيو ته هن سال جو موضوع اسان کي اهو ياد ڏياري ٿو ته اسان جي چراگاهن جو تحفظ گڏيل ذميواري آهي، اسان کي انهن جي اهميت کي تسليم ڪرڻو پوندو، چراگاهن ۽ مقامي برادرين جي روايتي علم ۽ انهن جي سارسنڀال جي ڪردار جو احترام ڪرڻو پوندو ۽ سائنسي بنيادن تي ۽ برادري جي شمُوليت تي ٻڌل طريقن ذريعي قدرتي نظارن کي بحال ڪرڻو پوندو. چراگاهن ۾ سيڙپڪاري حقيقت ۾ خوراڪ جي تحفظ، حياتياتي تنوع جي تحفظ، موسمياتي مزاحمت ۽ مجموعي ترقي ۾ سيڙپڪاري آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته هن اهم ڏينهن جي موقعي تي آئُون سڀني لاڳاپيل ڌُرين کي اپيل ڪريان ٿو ته هُو پاڪستان جي چراگاهن، قدرتي ماحولياتي نظام جي تحفظ ۽ بحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪن. مسلسل عزم ۽ عملي قدمن جي ذريعي اسان زمين جي تباهي ۽ سوڪهڙي جي اثرن کي گهٽ ڪري سگهون ٿا ۽ انهن قيمتي وسيلن کي ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ رکي سگهون ٿا. پنهنجُون چراگاهن کي سُڃاڻي، انهن جو احترام ڪري ۽ انهن کي بحال ڪري اسان زميني انتظام کي فروغ ۾ مؤثر ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا ۽ انهن وسيلن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهُون ٿا جيڪي پُوري پاڪستان جي ماڻهن جي روزگار، خوراڪ جي تحفظ ۽ ماحولياتي ڀلائي جو بُڻياد آهن.

مزید خبریں