هاءِ ڪورٽس سپريم ڪورٽ يا وفاقي آئيني عدالت جا ماتحت ناهن، ان جي عدالتي ۽ انتظامي آزادي جو احترام ضروري آهي: وفاقي آئيني عدالت

اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت هڪ اهم فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته ملڪ جا هاءِ ڪورٽس نه سپريم ڪورٽ جا ماتحت آهن ۽ نه ئي وفاي آئيني عدالت جا ماتحت آهن پر هر هاءِ ڪورٽ هڪ آزاد آئيني عدالت جي حيثيت رکي ٿي ان لاءِ ان جي عدالتي ۽ انتظامي اختيارن ۾ غير ضروري مداخلت نٿي ڪري سگهجي. رپورٽنگ لاءِ منظور ٿيل لکت واري تفصيلي …

اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت هڪ اهم فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته ملڪ جا هاءِ ڪورٽس نه سپريم ڪورٽ جا ماتحت آهن ۽ نه ئي وفاي آئيني عدالت جا ماتحت آهن پر هر هاءِ ڪورٽ هڪ آزاد آئيني عدالت جي حيثيت رکي ٿي ان لاءِ ان جي عدالتي ۽ انتظامي اختيارن ۾ غير ضروري مداخلت نٿي ڪري سگهجي. رپورٽنگ لاءِ منظور ٿيل لکت واري تفصيلي فيصلي موجب جسٽس عامر فاروق طرفان لکيل فيصلي ۾ عدالت گوجرانوالا اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (گيپڪو) جي نالي ماسٽرز ٽائلز ڪيس ۾ اپيل منظور ڪندي هاءِ ڪورٽس جي آئيني حيثيت، خودمختياري ۽ ڪيسن جي ٻُڌڻيءَ جي نظام بابت اهم قانوني اصول واضح ڪيا آهن. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اعليٰ عدليه آڏو اڪثر اهڙيون درخواستون دائر ڪيون وڃن ٿيون جن ۾ لاڳاپيل هاءِ ڪورٽ کي التوا هيٺ ڪيس جلد اُڪلائڻ يا فوري ٻُڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪرڻ جي هدايت جاري ڪرڻ جي گذارش ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته ان نوعيت جي درخواستن جو فيصلو وٺڻ وقت هاءِ ڪورٽس جي آئيني خودمختياريءَ کي نظر ۾ رکڻ ضروري آهي. وفاقي آئيني عدالت قرار ڏنو ته هن وقت ملڪ ۾ 5 خودمختيار هاءِ ڪورٽس موجود آهن ۽ هاءِ ڪورٽ هڪ آزاد ۽ آئيني عدالت آهي، جيتوڻيڪ هاءِ ڪورٽس جا فيصلا سپريم ڪورٽ يا وفاقي آئيني عدالت ۾ چئلينج ڪيا وڃن ٿا پر صرف اپيل يا نظرثاني جو اختيار ڪنهن عدالت کي ماتحت نٿو بڻائي. عدالت واضح ڪيو ته ضلعي عدالتون ۽ ٻيون اهي عدالتون جيڪي آئين جي آرٽيڪل 203 تحت قائم ڪيون ويون آهن، هاءِ ڪورٽس جي ماتحت آهن، جڏهن ته هاءِ ڪورٽس پاڻ هڪ ڌار آئيني حيثيت رکي ٿي ۽ ان جي اختيارن جو احترام ڪرڻ گهرجي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽس وٽ ڪيسن جي ٻُڌڻيءَ لاءِ پنهنجي فڪسيشن پاليسي، آزاد روسٽر ۽ ڪيس مئنجمينٽ جو نظام موجود هوندو آهي. ڪوبه اهڙو حڪم يا هدايت جيڪي ان جي پاليسين يا ڪيس جي فڪسيشن جي نظام تي حاوي ٿئي، هاءِ ڪورٽس جي عدالتي ۽ انتظامي آزاديءَ ۾ مداخلت برابر ٿي سگهي ٿي. وفاقي آئيني عدالت وڌيڪ قرار ڏنو ته ڪجهه وقتن ۾ ڪنهن ڪيس جي هنگامي نوعيت ان ڳالهه جي تقاضا ڪري ٿي ته معاملو واپس موڪلڻ کانپوءِ لاڳاپيل هاءِ ڪورٽ ۾ جلد ٻُڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪئي وڃي، جڏهن ته اهڙن موقعن تي مناسب ۽ محتاط لفظن جو استعمال ضروري آهي ته جيئن هاءِ ڪورٽ جي خودمختيار متاثر نه ٿئي. عدالت مشاهدو ڪيو آهي ته ان قسم جون هدايتون عام طور تي عدالتي نه پر انتظامي نوعيت جون هونديون آهن، ان لاءِ انهن کي جاري ڪرڻ وقت هاءِ ڪورٽس جي آئيني مقام ۽ آزاديءَ کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. وفاقي آئيني عدالت اپيل منظور ڪندي قرار ڏنو ته لاڳاپيل رٽ پٽيشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ التوا هيٺ تصور ڪئي ويندي ۽ توقع ظاهر ڪئي ته ڪيس جي فوري نوعيت کي نظر ۾ رکندي ان کي جلد کان جلد ٻُڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪيو وڃي.

مزید خبریں