اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اسلام جي عالمگير پيغام کي اجاگر ڪندي ان کي امن، رواداري، برداشت ۽ انساني وقار جو ضامن جو قرار ڏنو آهي. پيغام اسلام ڪانفرنس کي مهمان خاص جي حيثيت ۾ سينيٽ چيئرمين معزز مهمانن ۽ شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي ان اهم ۽ وقت سر ڪانفرنس جي بندوبست تي انتظام سنڀاليندڙن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو جنهن …
موجوده ورهايل عالمي ماحول ۾ اسلام جي حقيقي پيغام کي واضح ۽ اثرائتي انداز ۾ دنيا آڏو پيش ڪرڻ اڻٽر آهي: سينيٽ چيئرمين

مزید خبریں
اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اسلام جي عالمگير پيغام کي اجاگر ڪندي ان کي امن، رواداري، برداشت ۽ انساني وقار جو ضامن جو قرار ڏنو آهي. پيغام اسلام ڪانفرنس کي مهمان خاص جي حيثيت ۾ سينيٽ چيئرمين معزز مهمانن ۽ شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي ان اهم ۽ وقت سر ڪانفرنس جي بندوبست تي انتظام سنڀاليندڙن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو جنهن جو مقصد عالمي سطح تي هڪ نهايت اهم موضوع تي ڳالهين کي هٿي ڏيڻ آهي. هن چيو ته اسلام مذهب عدل، همدردي ۽ ڀلائيءَ جو درس ڏئي ٿو. هن زور ڀريو ته موجوده ورهايل عالمي ماحول ۾ اسلام جي حقيقي پيغام کي واضح ۽ اثرائتي انداز ۾ دنيا آڏو پيش ڪرڻ اڻٽر آهي. سينيٽ چيئرمين عالمي منظرنامي ۾ پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو ته پائيدار امن صرف ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي ئي ممڪن آهن، نه ڪي تڪرارن ذريعي. هن چيو ته پاڪستان هميشه تحمل، ذميداري ۽ دانشمنديءَ جو مظاهرو ڪندي ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ هاڪاري رابطن کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ويجهڙ ۾ علائقائي اڳڀرائي ۾ قيادت جي ڪردار کي ساراهيندي صدر مملڪت آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي مدبرانه قيادت کي خراجِ تحسين پيش ڪيو جن جي ڪوششن سان خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ امن جي امڪانن کي هٿي ملي. سينيٽ چيئرمين پارلياماني سفارتڪاري جي حوالي سان پنهنجي ڪردار جو ذڪر ڪندي بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس (آءِ ايس سي) جي باني چيئرمين جي حيثيت سان ان پليٽ فارم کي عالمي ڳالهين ۽ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم قرار ڏنو. هن چيو ته اسلام آباد ۾ تازي اجلاس جنهن جو موضوع ”امن، سلامتي ۽ ترقي“ هو، عالمي امن جي قيام ۾ پارليامانن جي ڪردار کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو. هن مسلم دنيا سان پاڪستان جي مضبوط ناتن جو حوالو ڏيندي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي بصيرت قيادت ۽ لاهور ۾ اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي تاريخي بندوبست تي مسلم اُمت جي اتحاد جي بنياد قرار ڏنو. سينيٽ چيئرمين عالمي فورمن جهڙو او آءِ سي، عرب ليگ، بين الپارلياماني يونين ۽ پي يو آءِ سي جي وچ ۾ اثرائتي هم آهنگي جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن ڳالهين، ٽياڪڙي ۽ تڪرارن جي پُرامن حل لاءِ هڪ مضبوط ۽ منظم فريم ورڪ جوڙي سگهجي. قومي سلامتي ۽ خودمختياري جي حوالي سان پاڪستان جي مؤقف کي واضح ڪندي هن چيو ته آپريشن حق جي ويڙهه ۽ بنيان مرصوص تحت پاڪستان جو ردِعمل هڪ متوازن، قانوني ۽ ذميداراڻي حڪمت عملي جو مظهر آهي، جنهن ۾ قومي خودمختياري جو دفاع ڪندي امن جي عزم کي برقرار رکيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڳالهين ۽ استحڪام کي ترجيحي ڏئي ٿو جڏهن ته پنهنجي سلامتي ۽ وقار جي تحفظ لاءِ پُرعزم آهي. سينيٽ چيئرمين عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو اختلافن کان مٿاهون ٿي هڪ اهڙي عالمي نظام جي قيام لاءِ گڏيل ڪوششون ڪن جيڪو امن، استحڪام ۽ گڏيل خوشحاليءَ تي ٻَڌل هجي. هن ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان نه صرف ان مقصد جي حمايت لاءِ تيار آهي پر ان ۾ عملي قيادت جو ڪردار ادا ڪرڻ جو به عزم رکي ٿو.










