اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان قومي ڪرڪيٽ جي اڳوڻي ناليواري رانديگر شاهد آفريدي خاص ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي امڪانن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ريلوي وزارت مان جاري پريس رليز موجب ملاقات دوران وفاقي وزير قومي سطح تي هاڪاري سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۽ مختلف ادارن وچ ۾ …
وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان اڳوڻي ڪرڪيٽر شاهد آفريدي جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان قومي ڪرڪيٽ جي اڳوڻي ناليواري رانديگر شاهد آفريدي خاص ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي امڪانن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ريلوي وزارت مان جاري پريس رليز موجب ملاقات دوران وفاقي وزير قومي سطح تي هاڪاري سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۽ مختلف ادارن وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته ان نوعيت جون ملاقاتون قومي هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ ۽ مختلف شعبن وچ ۾ اثرائتي سهڪار لاءِ نهايت اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. ان موقعي تي شاهد آفريدي به مختلف سماجي ۽ قومي معاملن تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي ملڪ جي ترقيءَ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڀريو. ٻنهي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ملڪي معيشت جي استحڪام ۾ پاڪستان ريلوي مُک ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ ان شعبي جي ترقي قومي ترقيءَ لاءِ اڻٽر آهي. شاهد آفريدي ريلوي واري وزير جي ڪاوشن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ريلوي ۾ هاڪاري ۽ معياري تبديليون واضح طور تي نظر اچي رهيون آهن جيڪو هڪ سٺو سنوڻ ۽ اڳڀرائي آهي. ملاقات خوشگوار ماحول ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ مستقبل ۾ گڏيل رابطن کي وڌيڪ اثرائتو ۽ نتيجا ڏيندڙ بنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.










