جديد ۽ منفرد ٽيڪنالاجي کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان نيوي لاءِ اڻٽر اسٽريٽجڪ ضرورت آهي: پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل نويد اشرف

راولپنڊي-06 مئي (اي پي پي) پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف روايتي ۽ غير روايتي چئلينجز جي مقابلي لاءِ هر وقت جنگي تياري برقرار رکڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته جديد ۽ منفرد ٽيڪنالاجي کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان نيوي لاءِ اڻٽر اسٽريٽجڪ ضرورت آهي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب پاڪستان نيوي جي ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪانفرنس نيول هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۾ پڄاڻيءَ تي …

راولپنڊي-06 مئي (اي پي پي) پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف روايتي ۽ غير روايتي چئلينجز جي مقابلي لاءِ هر وقت جنگي تياري برقرار رکڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته جديد ۽ منفرد ٽيڪنالاجي کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان نيوي لاءِ اڻٽر اسٽريٽجڪ ضرورت آهي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب پاڪستان نيوي جي ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪانفرنس نيول هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۾ پڄاڻيءَ تي پهتي. ڪانفرنس جي صدارت چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف ڪئي، جڏهن ته ان ۾ پرنسپل اسٽاف آفيسر ۽ فيلڊ ڪمانڊرز شرڪت ڪئي. ڪانفرنس دوران نيول چيف روايتي ۽ غير روايتي چئلينجز جي مقابلي لاءِ هر وقت جنگي تياري برقرار رکڻ تي زور ڀريو. وچ اوڀر جي موجوده صورتحال جي روشنيءَ ۾ هن سامونڊي ميدان ۾ اُڀرندڙ خطرن جهڙوڪ جهازراني جي آزادي، اهم سامونڊي رستن ۾ امڪاني خلل ۽ اهم گذرگاهن تي غير مستحڪم سيڪيورٽي جو ذڪر ڪيو. ايڊمرل نويد اشرف ان ڳالهه تي زور ڀريو ته جديد ۽ منفرد ٽيڪنالاجي کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان نيوي لاءِ هڪ اڻٽر اسٽريٽجڪ ضرورت آهي. نيول چيف وڌيڪ چيو ته پاڪستان نيوي خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سامونڊي سيڪيورٽي کي يقيني بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن ٻُڌايو ته پاڪستان نيوي گلف آف عمان ۾ پنهنجي موجودگيءَ ذريعي سامونڊي برادريءَ کي تحفظ جي خاطري فراهم ڪري رهي آهي. ان موقعي تي فورم حق جي ويڙهه جي پهرين سالگره به ملهائي ۽ مئي 2025ع جي جنگ ۾ ڏنل قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. نيول چيف ان ڪاميابيءَ کي قومي يڪجهتي ۽ پرڏيهي اڳرائيءَ خلاف مضبوط عزم جي علامت قرار ڏنو. ڪانفرنس ۾ آپريشنل تياري، جاري رٿائن ۽ مستقبل جي پروگرامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ڳالهين جو محور بدلجندڙ علائقي سامونڊي سيڪيورٽي صورتحال موجب ترجيحن کي هم آهنگ ڪرڻ ۽ سامونڊي جنگ جي مختلف شعبن ۾ تياريءَ کي بهتر بنائڻ هو. ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪانفرنس پاڪستان نيوي جو اعليٰ ترين فيصله ساز فورم آهي جتي نيول چيف، پرنسپل اسٽاف آفيسرز ۽ فيلڊ ڪمانڊرز اهم پاليسين ۽ حڪمت عمليءَ تي غور ڪن ٿا.