ليفٽيننٽ ڪرنل خالد حسين شهيد جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي پڻ شرڪت

راولپنڊي – 06 مئي (اي پي پي) بلوچستان ۾ انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل خالد حسين شهيد جي جنازي نماز چڪلالا گيريزن راولپنڊي ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، حاضر سروس …

راولپنڊي – 06 مئي (اي پي پي) بلوچستان ۾ انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل خالد حسين شهيد جي جنازي نماز چڪلالا گيريزن راولپنڊي ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، حاضر سروس ۽ رٽائرڊ اعلى سول ۽ عسڪري آفيسرن، پونئيرن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب ليفٽيننٽ ڪرنل خالد حسين شهيد جو تعلق سرگوڌا ضلعي سان هو، هن بهادر فرزند گذريل ڏينهن بلوچستان ۾ انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن دوران ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي خلاف پنهنجي ٽيم جي قيادت ڪندي زخمي ٿيڻ کانپوءِ شهادت ماڻي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ليفٽيننٽ ڪرنل خالد حسين شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي سندس غيرمعمولي بهادري، فرض شناسي ۽ وطن جي دفاع لاءِ ثابت قدم عزم کي ساراهيو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج قوم جي مڪمل حمايت سان ملڪ مان ڀارتي سرپرستي هيٺ ٿيندڙ دهشتگردي ۽ ان جي سهولتڪارن جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي شهيدن جون عظيم قربانيون قوم جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون ۽ پاڪستان جي امن، استحڪام ۽ خودمختياري جي تحفظ جي لاءِ اڻٿڪ وابستگي جي عڪاس آهن. شهيد کي سندس اباڻي ڳوٺ ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ عوام شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪن ٿا ۽ سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪن ٿا.