حڪومت پاران ڪينجهر ڍنڍ تي 500 ميگاواٽ فلوٽنگ سولر منصوبو لڳايو ويندو

اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) حڪومت سنڌ جي ڪينجهر ڍنڍ تي 500 ميگاواٽ جو فلوٽنگ سولر پاور منصوبو لڳائڻ جي رٿابندي ڪئي آهي ته جيئن ملڪ جي وڌندڙ توانائيءَ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ صاف ۽ تجديد جوڳي توانائي پيدا ڪري سگهجي ۽ امپورٽ واري ٻارڻ تي دارومدار گهٽائي سگهجي. ويلٿ پاڪستان کي دستياب دستاويزن موجب 24 ڪروڙ 36 لک 30 هزار ڊالرن ماليت جو اهو منصوبو ساليانو …

اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) حڪومت سنڌ جي ڪينجهر ڍنڍ تي 500 ميگاواٽ جو فلوٽنگ سولر پاور منصوبو لڳائڻ جي رٿابندي ڪئي آهي ته جيئن ملڪ جي وڌندڙ توانائيءَ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ صاف ۽ تجديد جوڳي توانائي پيدا ڪري سگهجي ۽ امپورٽ واري ٻارڻ تي دارومدار گهٽائي سگهجي. ويلٿ پاڪستان کي دستياب دستاويزن موجب 24 ڪروڙ 36 لک 30 هزار ڊالرن ماليت جو اهو منصوبو ساليانو تقريبن 861.91 گيگاواٽ آور بجلي پيدا ڪندو جڏهن ته ان جي صلاحيتي شرح 19.6 سيڪڙو هوندي. منصوبي تحت ڊگهي مُدي واري بجلي خريداري معاهدي ذريعي ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي فراهم ڪئي ويندي. اهو منصوبو پاڪستان جي 2030ع تائين ڪاربان جي نيڪال ۾ گهٽتائيءَ جي هدفن سان هم آهنگ آهي. منصوبو انجنيئرنگ، خريداري ۽ تعميراتي ماڊل تحت چٽاڀيٽي واڪ ذريعي مڪمل ڪيو ويندو. عملدارن پهرين ئي ڪي اليڪٽرڪ کان ليٽر آف انٽينٽ حاصل ڪري چڪا آهن جڏهن ته انجنيئرنگ، خريداري ۽ تعميراتي ٺيڪيدارن لاءِ واڪ جو عمل جاري آهي. فلوٽنگ سولر لڳائڻ وڏن صنعتي علائقن جي ويجهو واقع هوندي جنهن سان وڌيڪ گهرج وارن علائقن تائين ماحول دوست بجلي جي اثرائتي پهچ ممڪن ٿيندي. روايتي رولر پلانٽس جي ابتڙ هي منصوبو پاڻيءَ جي سطح استعمال ڪندو جنهن سان زمين جي استعمال جي تڪرارن کان بچي سگهبو ۽ توانائيءَ جي ڪارڪردگيءَ ۾ بهتري ايندي. ان منصوبي ۾ اندروني منافعي جي شرح 13.94 سيڪڙو متوقع آهي، جڏهن ته بجليءَ جو ٽيرف 3.98 آمريڪي سينٽ في ڪلوواٽ آور ڪاٿو لڳايو ويو آهي. سيڙپڪاريءَ جي ڍانچي ۾ 18 ڪروڙ 27 لک 20 هزار ڊالرن جي قرض جي فنانسنگ ۽ 6 لک 10 هزار ڊالر ايڪويٽي شامل آهي. منصوبي سان تعميراتي ۽ فني آپريشنز جي مرحلن ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيڻ جي به اميد آهي.