نارووال-06 مئي (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته دنيا نازڪ موڙ تي آهي جتي وڌندڙ ڇڪتاڻ، ورهاست ۽ بيانيي جي جنگ امن کي سخت خطرن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، اهڙين حالتن ۾ نارووال مان اُٿندڙ ڳالهين ۽ هم آهنگي جو آواز اميد، اعتدال ۽ عالمي امن جو اثرائتو پيغام بڻجي سامهون آيو آهي. هن اهڙو اظهار نارووال پيس …
دنيا نازڪ موڙ تي آهي جتي وڌندڙ ڇڪتاڻ، ورهاست ۽ بيانيي جي جنگ امن کي سخت خطرن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي: پروفيسر احسن اقبال

مزید خبریں
نارووال-06 مئي (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته دنيا نازڪ موڙ تي آهي جتي وڌندڙ ڇڪتاڻ، ورهاست ۽ بيانيي جي جنگ امن کي سخت خطرن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، اهڙين حالتن ۾ نارووال مان اُٿندڙ ڳالهين ۽ هم آهنگي جو آواز اميد، اعتدال ۽ عالمي امن جو اثرائتو پيغام بڻجي سامهون آيو آهي. هن اهڙو اظهار نارووال پيس ڊائلاگ 2026ع کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته اها ڪانفرنس فقط هڪ تقريب ناهي پر واضح قومي ۽ عالمي مشن جي حيثيت اختيار ڪري چڪي آهي جنهن جو بنيادي مقصد دنيا کي اهو باور ڪرائڻو آهي ته مسئلن جو حل تڪرار نه پر ڳالهين، برداشت ۽ گڏيل احترام ۾ لڪل آهي. سندس چوڻ آهي ته مختلف کنڊن مان آيل دانشورن، ماهرن، نوجوانن ۽ عالمي شخصيتن جي شرڪت ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته دنيا امن، انصاف ۽ فڪري هم آهنگي جي نئين بيانيي جي تلاش ۾ آهي. هن چيو ته مهذب معاشرن جي اصل سُڃاڻپ اهائي آهي ته اختلافن کي تڪرار بدران فهم ۽ ادراڪ ۾ تبديل ڪيو وڃي. پروفيسر احسن اقبال 6 مئي 2018ع جي قاتلاڻي حملي جو حوالو ڏيندي چيو ته هي حملو ڪنهن هڪ فرد نه پر برداشت، اعتدال ۽ روشن خيالي جي نظريي تي هو. هن چيو ته سندس جسم ۾ موجود گولي اڄ به ان عزم جي ياد ڏياري ٿو ته ذاتي تڪليف کي قومي ۽ انساني خدمت جي وڏي مشن ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. پروفيسر احسن اقبال چيو ته ان ئي واقعي کانپوءِ نارووال هڪ نئين سُڃاڻپ حاصل ڪئي ۽ اڄ هي شهر امن، نوجوانن ۽ ڳالهين جي علامت بڻجي چڪو آهي. وفاقي وزير چيو ته اسلام امن، محبت ۽ انسانيت جو دين آهي ۽ انساني جان جي حرمت هر حالت ۾ مقدم آهي. قرآن پاڪ جي تعليمات جو حوالو ڏيندي هن چيو ته جيڪو ناحق کي قتل ڪندو ان پوري انسانيت کي قتل ڪيو. هن زور ڀريو ته ڪنهن فرد يا گروهه کي اهو حق حاصل ناهي ته هو ٻين جي ايمان جو فيصلو ڪري، ڇاڪاڻ ته اهڙو رويو مذهب کي انتهاپسندي ۽ تڪبر ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو. سندس چوڻ هو ته هي پيغام پاڪستان جي باني محمدعلي جناح جي ويزن سان مڪمل هم آهنگ آهي جنهن اهڙي رياست جو تصور پيش ڪيو جتي مذهب هر فرد جو ذاتي معاملو هجي، سمورين شهرين کي برابريءَ وارا حق حاصل هجن ۽ ڪنهن سان مذهب، فرقي يا سُڃاڻپ جي بنياد تي فرق نه رکيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف جنگ ۾ بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن جن ۾ 80 هزار کان وڌيڪ قيمتي جانيون ضايع ۽ 120 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جو معاشي نقصان شامل آهي. هن واضح چيو ته جتي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي کي شڪست ڏئي سگهن ٿيون اتي انتهاپسندي جو مستقل علاج صرف تعليم، انصاف، ڳالهين ۽ سماجي هم آهنگي ذريعي ئي ممڪن آهي. هن خبردار ڪيو ته اڄ دنيا کي نئين خطرن کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جتي سڌ سماءَ ۽ سوشل ميڊيا کي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي. ڪوڙين خبرن، ڊيپ فيڪس ۽ گمراهه ڪندڙ مواد معاشرن ۾ نفرت ۽ ورهاست کي هٿي ڏئي رهيو آهي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته نوجوان نسل کي صرف تعليم ئي نه پر تنقيدي سوچ، شعور ۽ اخلاقي بصيرت سان به سينگارڻ وقت جي ضرورت آهي.










