اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال قومي ۽ عسڪري قيادت کي خراجِ تحسين پيش ڪندي حق جي ويڙهه ۾ ڪاميابيءَ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي مبارڪون پيش ڪيون آهن. جاري بيان ۾ هن چيو ته ان تاريخي ڪاميابي نه صرف پاڪستان جي عالمي اهميت کي اجاگر ڪيو پر سفارتي محاذ تي به ملڪ لاءِ نيون راهون …
صحت واري وفاقي وزير پاران حق جي ويڙهه ۾ ڪاميابيءَ تي قومي ۽ عسڪري قيادت کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال قومي ۽ عسڪري قيادت کي خراجِ تحسين پيش ڪندي حق جي ويڙهه ۾ ڪاميابيءَ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي مبارڪون پيش ڪيون آهن. جاري بيان ۾ هن چيو ته ان تاريخي ڪاميابي نه صرف پاڪستان جي عالمي اهميت کي اجاگر ڪيو پر سفارتي محاذ تي به ملڪ لاءِ نيون راهون هموار ڪيون. سندس چوڻ هو ته اها ڪاميابي قومي اتحاد، مضبوط قيادت ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن جو مظهر آهن. هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي وڏي چئلينج جي مقابلي ۾ سرخرو فرمايو ۽ قومي قيادت کي عالمي سطح تي اثرائتي ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. هن دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ ملڪ جي قيادت کي وڌيڪ ڪاميابيون عطا فرماءِ ۽ پاڪستان کي ترقي، استحڪام ۽ خوشحاليءَ جي راهه تي گامزن ڪري.










