وفاقي وزير انجنيئر امير مقام پاران شهيد شيخ الحديث مولانا محمد ادريس جي گهر ڀاتين سان تعزيت جو اظهار

چارسده-06 مئي (اي پي پي) ڪشمير معاملن، گلگت بلتستان ۽ سيفران وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام وفد سان گڏ گذريل ڏينهن شهيد شيخ الحديث مولانا محمد ادريس جي گهر چارسده پهتو. وفاقي وزير، مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان محمد نواز شريف، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ وفاقي حڪومت طرفان شهيد جي ڀائرن، پُٽن ۽ شهيد جي شاگردن سان تعزيت ڪئي ۽ درجن جي بلندي ۽ پونئيرن لاءِ صبر …

چارسده-06 مئي (اي پي پي) ڪشمير معاملن، گلگت بلتستان ۽ سيفران وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام وفد سان گڏ گذريل ڏينهن شهيد شيخ الحديث مولانا محمد ادريس جي گهر چارسده پهتو. وفاقي وزير، مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان محمد نواز شريف، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ وفاقي حڪومت طرفان شهيد جي ڀائرن، پُٽن ۽ شهيد جي شاگردن سان تعزيت ڪئي ۽ درجن جي بلندي ۽ پونئيرن لاءِ صبر جي دُعا ڪئي. وفاقي وزير، شيخ الحديث مولانا محمد ادريس جي پُٽ شيخ الحديث مولانا انيس احمد کي جانشين نامزد ۽ دستاربندي جي تقريب ۾ به شرڪت ڪئي. وفاقي وزير ان موقعي تي موجود ماڻهن کي خطاب ڪندي چيو ته مولانا جي شهادت نه صرف چارسده لاءِ پر پوري صوبي ۽ ملڪ لاءِ وڏو نقصان آهي. هن چيو ته هو ان واقعي ۽ مولانا جي شهادت تي پوري پارٽي ۽ وفاقي حڪومت طرفان مذمت ڪري ٿي. هن چيو ته مولانا بحيثيت عالم، سياستدان، سوشل ورڪر، هڪ عظيم انسان ۽ اڳواڻ هو، شهيد هميشه امن لاءِ جدوجهد ۽ دهشتگرديءَ جي مذمت ڪئي. هن چيو ته مرحوم هڪ محبِ وطن ۽ وڏو عالم هو. هن هميشه ملڪي سلامتي، خوشحالي ۽ ترقيءَ جي ڳالهه ڪئي ۽ هميشه حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪئي. تعزيت جي موقعي تي وفاقي وزير سان اڳوڻو سينيٽر بهره مند تنگي، همايون شاهه ڪاڪا خيل، عالمگير شاهه ڪاڪا خيل، اسد عمرزئي، فواد خان ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.