موسمياتي بحران ۾ ذميدار ۽ متاثر ملڪ برابر ناهن: ڊاڪٽر مصدق ملڪ

اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته موسمياتي تبديلي موجوده دؤر جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي، پاڪستان موسمياتي تبديليءَ سبب بي پناهه نقصان برداشت ڪيا آهن، پاڪستان جو شمار موسمياتي تبديلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ ٿئي ٿو، ٻوڏن جي جاني نقصان سان ماڻهن لاءِ معاشي مسئلا به پيدا ٿيا، صحت ۽ …

اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته موسمياتي تبديلي موجوده دؤر جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي، پاڪستان موسمياتي تبديليءَ سبب بي پناهه نقصان برداشت ڪيا آهن، پاڪستان جو شمار موسمياتي تبديلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ ٿئي ٿو، ٻوڏن جي جاني نقصان سان ماڻهن لاءِ معاشي مسئلا به پيدا ٿيا، صحت ۽ ماحول به پاڻ ۾ جُڙيل آهن، فضائي گدلاڻ شهرين خاص ڪري ٻارن جي صحت لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي، وڻ لڳائڻ ڪافي ناهن ان جي حفاظت به ضروري آهي. ماحولياتي نقصانن جو ازالو عالمي ذميداري آهي، موسمياتي بحران ۾ ذميدار ۽ متاثر ملڪ برابر ناهن. ڪالهه هتي بريٿ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته بريٿ پاڪستان ڪانفرنس جو مقصد ان حقيقت کي اجاگر ڪرڻ آهي ته ماحولياتي تباهين سبب ماڻهن لاءِ ساهه کڻڻ مشڪل ٿي چڪو آهي. هن چيو ته مسلسل ٻوڏن جي نتيجي ۾ هزارين ماڻهو فوت ۽ زخمي ٿيا، جڏهن ته ڪروڙين ماڻهو بي گهر ٿيا. هن يونيورسٽي آف شڪاگو جي تحقيق جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته گدلي هوا سبب انساني زندگي جا 6 کان 7 سال گهٽ ٿي وڃن ٿا. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي هڪ سيڪڙو کان به گهٽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ڪري ٿو، جڏهن ته دنيا جا صرف 10 ملڪ تقريبن 70 کان 75 سيڪڙو ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ڪري رهيا آهن ۽ ٽي ملڪ گڏجي تقريبن 60 سيڪڙو نيڪال جا ذميدار آهن. هن ان کي عالمي ناانصافي قرار ڏيندي چيو ته جيڪي ملڪ گدلاڻ پيدا ڪري رهيا آهن اهي ان جو اثر ناهن ڀوڳي رهيا، جڏهن ته متاثر ملڪ ان جو نتيجو ڀوڳي رهيا آهن. هن چيو ته هي معاملو صرف انصاف جو ناهي پر انساني حقن جو به آهي، ڇاڪاڻ ته اُسرندڙ ملڪ جو عوام به برابريءَ جا حق رکي ٿو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ماحولياتي مسئلن جي حل لاءِ سياسي عزم ۽ عملي قدم اڻٽر آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي 64 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر وارن تي ٻَڌل آهي ۽ نوجوانن وٽ بهترين آئيڊياز موجود آهن، پر کين موقعو فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان مقصد لاءِ حڪومت هڪ پروگرام جو اعلان ڪيو آهي جنهن تحت هر ٽه ماهي مقابلا منعقد ڪيا وڃن ۽ نوجوانن کي ان جي تخليقي ۽ سائنسي منصوبن لاءِ مالي معاونت فراهم ڪئي وڃي. هن ٻُڌايو ته گرين يونيورسٽي جي قيام تي به ڪم جاري آهي جتي پاڪستاني ۽ پرڏيهي شاگرد ۽ استاد گڏيل تحقيق ڪندا ۽ اهڙي تحقيق کي هٿي ڏيندا جيڪي عملي ۽ واپاري بنيادي تي لاڳو ٿئي. هن چيو ته اٽلي جي يونيورسٽيءَ سان به هڪ منصوبي کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي جنهن تحت پاڪستاني شاگرد اٽلي جي شاگردن ۽ استادن سان گڏجي تحقيق ڪندا، جڏهن ته عالمي ماهر ان تحقيق جي نگراني ڪندا ته جيئن عملي ۽ ڪمرشل بنيادن تي نتيجا حاصل ڪري سگهجن. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته جيڪڏهن نوجوانن کي موقعا ۽ وسيلا فراهم ڪيا وڃن ته هو نه صرف پاڪستان پر پوري دنيا جي مسئلن خاص ڪري پاڻي ۽ ماحولياتي چئلينجز جي شعبن جو حل پيش ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته بريٿ پاڪستان دراصل ان جدوجهد جي هڪ علامت آهي، جنهن جو مقصد هر انسان لاءِ صاف هوا ۽ بهتر ماحول کي يقيني بڻائڻ آهي.