مذهب تبديليءَ جي ڪيس ۾ ڇوڪريءَ جي عمر بنيادي حيثيت رکي ٿي: وفاقي آئيني عدالت

اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت واضح ڪيو آهي ته مذهب تبديليءَ جي ڪيس ۾ ڇوڪريءَ جي عمر بنيادي حيثيت رکي ٿي، ان لاءِ ميڊيڪل ٽيسٽ جو حڪم ڏيندي ان کي دارالامان منتقل ڪيو ويو. وفاقي آئيني عدالت ۾ اسلام قبول ڪندڙ ڇوڪري عائشه طارق کي والدين جي حوالي ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻُڌڻي ڪالهه جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻَڌل بينچ ڪئي. …

اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت واضح ڪيو آهي ته مذهب تبديليءَ جي ڪيس ۾ ڇوڪريءَ جي عمر بنيادي حيثيت رکي ٿي، ان لاءِ ميڊيڪل ٽيسٽ جو حڪم ڏيندي ان کي دارالامان منتقل ڪيو ويو. وفاقي آئيني عدالت ۾ اسلام قبول ڪندڙ ڇوڪري عائشه طارق کي والدين جي حوالي ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻُڌڻي ڪالهه جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻَڌل بينچ ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران عدالت حڪم ڏنو ته عائشه طارق کي ايندڙ ٻُڌڻي تائين دارالامان لاهور منتقل ڪيو وڃي، هڪ هفتي اندر سندس عمر جي تعين لاءِ ميڊيڪل ٽيسٽ به ڪرائي وڃي. عدالت قرار ڏنو ته عمر جي صحيح ڄاڻ ڪرڻ کان سواءِ ڪيس جو حتمي فيصلو ممڪن ناهي. بعد ۾ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻُڌڻي 20 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.