سرڪاري اسڪيم تحت حج آپريشن ڪاميابيءَ سان جاري، هاڻي تائين 39959 حاجي ڀلي پار پهچي ويا: مذهبي معاملن واري وزارت

اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) سرڪاري اسڪيم تحت حج آپريشن ڪاميابيءَ سان جاري آهي، پاڪستان مان هاڻي تائين 39959 خوشنصيب حاجي ڀلي پار پهچي چڪا آهن جيڪو مجموعي سرڪاري ڪوٽا جو تقريبن 34 سيڪڙو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت موجب حاجين جي خدمت ۽ کين هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هاڻ تائين مختلف اسٽيشنن تي 949 خدمت ڪندڙ ۽ ويلفيئر اسٽاف کي مقرر ڪيو ويو آهي. هي عملو …

اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) سرڪاري اسڪيم تحت حج آپريشن ڪاميابيءَ سان جاري آهي، پاڪستان مان هاڻي تائين 39959 خوشنصيب حاجي ڀلي پار پهچي چڪا آهن جيڪو مجموعي سرڪاري ڪوٽا جو تقريبن 34 سيڪڙو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت موجب حاجين جي خدمت ۽ کين هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هاڻ تائين مختلف اسٽيشنن تي 949 خدمت ڪندڙ ۽ ويلفيئر اسٽاف کي مقرر ڪيو ويو آهي. هي عملو حاجين جي اچڻ کان وٺي سندن رهائشگاهن تائين منتقلي ۽ ٻين انتظامي معاملن ۾ هر وقت مدد فراهم ڪندا رهندا. ڪوآرڊينيٽر فيسيليٽيشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ناصر عزيز خان موجب هاڻ تائين مجموعي طور تي 155 اُڏامون حاجين کي سعودي عرب پهچائي چڪي آهي، هن وقت 26679 حاجي مڪه مڪرمه جڏهن ته 13280 مدينه منور ۾ پهچي چڪا آهن. حاجين کي بهترين ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل 949 اهلڪارن مان 599 مددگار، 184 طبي ماهر ۽ 158 خدمت ڪندڙ (ايس ڊي ايس) شامل آهن. هن ٻُڌايو ته مڪه مڪرمه ۽ مدينه منور ۾ مقرر هي عملو 24 ڪلاڪ مختلف شفٽن ۾ حاجين جي خدمت لاءِ الرٽ آهي. روزاني جي بنياد تي هاڻ تائين مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره جي ڊسپينسرين ۽ اسپتالن ۾ 8156 حاجين کي طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. مڪه مڪرمه ۾ 7375 حاجين کي رستن جي تلاش ۾ مدد ڏني وئي جڏهن ته مدينه منوره ۾ 20962 حاجين رياض الجنة جي زيارت جو شرف حاصل ڪيو. مدينه منوره ۾ گم ٿيل سامان بابت وصول ٿيندڙ 2900 درخواستن مان 2886 جو فوري ازالو ڪري سامان اصل مالڪن تائين پهچايو ويو. ناصر عزيز خان ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان حڪومت حاجين کي آرامده سفر ۽ قيام جي فراهميءَ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي ته جيئن هو تسلي ۽ اطمينان سان حج جا رڪن ادا ڪري سگهن.