پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي

اسلام آباد _ 6 مئي(اي پي پي) ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي. سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافي سبب مارڪيٽ ۾ خريداري جو رجحان رهيو. جنهن جي نتيجي ۾ 100_ انڊيڪس 3000 کان وڌيڪ پوائنٽس جي واڌ ٿي. ڪاروبار دوران پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ جو 100 انڊيڪس وڌي ڪري هڪ لک 67 هزار 911 پوائنٽس جي سطح تائين پهچي …

اسلام آباد _ 6 مئي(اي پي پي) ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي. سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافي سبب مارڪيٽ ۾ خريداري جو رجحان رهيو. جنهن جي نتيجي ۾ 100_ انڊيڪس 3000 کان وڌيڪ پوائنٽس جي واڌ ٿي. ڪاروبار دوران پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ جو 100 انڊيڪس وڌي ڪري هڪ لک 67 هزار 911 پوائنٽس جي سطح تائين پهچي ويو، جڏهن ته گذريل ڪاروباري ڏينهن جي آخر ۾ 100 انڊيڪس هڪ لک 64 هزار 742 پوائنٽس تي بند ٿيو هو. مارڪيٽ جي ماهرن مطابق سيڙپڪارن جي مثبت اعتماد، معاشي شرح ۾ بهتري ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي رجحان ۾ اضافي سبب اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي ڏسڻ ۾ آئي.